Book Name:Quran ke Sath Hamara Taluq
يعني مثال بيان ڪرڻ ڳالهه سمجهائڻ لاءِ هوندو آهي، ڪنهن شيءِ جو جيئن حال هوندو، تيئن ئي ان لاءِ مثالُ ڏنو ويندو، وڏي شيءِ جو مثال وڏي شيءِ سان، ننڍي شيءِ جو مثال ننڍي شيءِ سان ئي ڏنو ويندو آهي. تنهنڪري مثال کي سمجهڻ بجاءِ ان تي اعتراض ڪرڻ محض غلط ۽ بيجا آهي، هي ته ڪمالِ حڪمت آهي ته مثال اصل مطابق هجي، الله پاڪ حڪيمِ مطلق آهي، هو مڇر (مک، ڪوريئڙي وغيره) شين جي ذريعي مثال بيان فرمائڻ کان حيا ناهي فرمائيندو. ([1]) ۽ اهڙي ڪا به ڳالهه قرآنِ ڪريم ۾ موجود ناهي.
هيستائين ته غير مسلمن جي اعتراض جو جواب هو، هاڻي جيڪي ماڻهو قرآنِ ڪريم ۾ ڏنل انهن مثالن کي پڙهن يا ٻڌن ٿا، انهن جا 2 گروهه آهن، انهن جو ذڪر ڪندي الله پاڪ فرمايو:
فَاَمَّا الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا فَیَعْلَمُوْنَ اَنَّهُ الْحَقُّ مِنْ رَّبِّهِمْۚ-
ترجمو ڪنزُ العرفان: بهرحال ايمان وارا ته ڄاڻن ٿا جو هي انهن جي رب جي طرف کان حق آهي.
هي اهلِ ايمان جو شان آهي ته هو قرآنِ ڪريم کي پڙهي ان تي اعتراض ناهن ڪندا بلڪه قرآنِ ڪريم کي پنهنجي رَبِّ ڪريم جو ڪلام مڃي ان کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. جڏهن ته
وَ اَمَّا الَّذِیْنَ كَفَرُوْا فَیَقُوْلُوْنَ مَا ذَاۤ اَرَادَ اللّٰهُ بِهٰذَا مَثَلًاۘ-
ترجمو ڪنزُ العرفان: ۽ رهيا ڪافر ته اهي چون ٿا، هن مثال مان الله جي مراد ڇا آهي؟
هي ڪافرن جو طرزِ عمل آهي ته هو قرآنِ ڪريم کي پڙهڻ، ان کي سمجهڻ بجاءِ، ابتو ان تي اعتراض ڪرڻ لڳندا آهن. لهٰذا قرآنِ ڪريم ۾ مثالَ ذڪر ڪرڻ جون جتي ٻيون ڪيتريون ئي حڪمتون آهن، اتي ان مان هي به فائدو ٿي ويو ته