Quran ke Sath Hamara Taluq

Book Name:Quran ke Sath Hamara Taluq

ڏسي ڪيترائي غير مسلم ڪلمو پڙهي مسلمان ٿي ويا. بعد ۾ ڪنهن شيخ عبدالحميد ر رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه کان پڇيو: اوهان ٻرندڙ باھ ۾ ڪيئن هليا ويا؟ فرمايائون: قرآن ڪريم ساڻ کڻي. مون کي يقين هو ته قرآن ڪريم جيڪو اسان کي جهنم جي باھ کان بچائي سگهي ٿو، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! هن دنيا جي باھ کان به ضرور بچائيندو. ([1])

سُبْحٰنَ الله! پيارا اسلامي ڀائرو! ڏسو! قرآن ڪريم تي ڪيترو پختو يقين آهي! اسان کي اهڙو تجربو نه ڪرڻ گهرجي، يعني پنهنجو يقين آزمائڻ لاءِ باھ ۾ ٽَپو نه ڏيڻ گهرجي، البته اهو ته ضروري آهي جو اسان قرآن ڪريم تي تمام پختو يقين رکون، اهڙو پڪو يقين جو ڪنهن جا وسوسا، ڪنهن فلسفي جو فلسفو، ڪنهن انسان نما شيطان جون ڳالهيون اسان جو يقين ڪمزور نه ڪري سگهن. الله پاڪ اسان کي اهڙو پختو يقين نصيب فرمائي.

اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صَلَّی اللہ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم .

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!     صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

فيضانِ قرآن ۽ دعوت اسلامي

اي عاشقان رسول! اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! اڄ جي دور ۾ عاشقان رسول جي ديني تنظيم دعوت اسلامي قرآن ڪريم جي فيضان کي دنيا ڀر ۾ عام ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهي، الله پاڪ جي فضل و ڪرم سان دعوت اسلامي اسان کي قرآن پڙهڻ به سيکاري ٿي، دعوت اسلامي اسان کي قرآن سمجهڻ جا ذريعا به فراهم ڪري ٿي. دعوت اسلامي جي تحت ملڪ ۽ بيرونِ ملڪ ۾ جامعات المدينه هلي رهيا آهن، جن ۾ درس نظامي يعني عالم ڪورس ڪرايو ويندو آهي، هن ڪورس ڪرڻ جي برڪت سان جتي ٻيا گهڻا فائدا ملندا آهن، هڪ اهم


 

 



[1]...حیاتِ اعلیٰ حضرت، جلد:1، صفحہ:197۔