Quran ke Sath Hamara Taluq

Book Name:Quran ke Sath Hamara Taluq

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان سيپارو:1، سورت بقره جي آيت:26 ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪئي. هن آيتِ ڪريمه ۾ غير مسلمن جي هڪ اعتراض جو جواب ڏنو ويو آهي.

آيتِ ڪريمه جو شانِ نزول

قرآنِ ڪريم ۾ ڪجهه هنڌن تي غير مُسلمن جي باطل نظرين ۽ ڪوڙن عقيدن وغيره کي ڪوريئڙي جي ڄار ۽ مک سان تشبيهه ڏني وئي آهي. جڏهن الله پاڪ اهلِ عرب کي قرآنِ ڪريم جهڙو ڪلام بڻائي آڻڻ جو چئلينج ڏنو ته انهن پنهنجو پورو زور لڳائي ڇڏيو، وڏن وڏن شاعرن، اديبن چوٽيءَ جو زور لڳايو پر ڪو به قرآنِ ڪريم جهڙي هڪ به آيت بنائڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيو، جڏهن ٻيو ڪجهه به نه ٿي سگهيو ته انهن قرآنِ ڪريم تي اعتراض ڪرڻ جي جرات ڪئي ۽ چيائون: جيڪڏهن قرآنِ ڪريم خدائي ڪلام آهي ته ان ۾ اهڙين ننڍين ۽ حقير شين (مثلاً ڪوريئڙي ۽ مک وغيره) جا مثالَ ڇو ڏنا ويا آهن؟ اهڙي وڏي ذات ۽ اهڙين ننڍين شيِن جو ذڪر...!! هي الله پاڪ جي شان جي خلاف آهي، ان مان معلوم ٿئي ٿو ته قرآنِ ڪريم الله پاڪ جو ڪلام ناهي. انهن جي هن اعتراض جي جواب ۾ هي آيتِ ڪريمه نازل ٿي. ([1])

آيتِ ڪريمه جي مختصر وضاحت

الله پاڪ فرمايو:

اِنَّ اللّٰهَ لَا یَسْتَحْیٖۤ

ترجموڪنزُ العرفان: بيشڪ الله انهن کان حيا ناهي فرمائيندو.

ڪهڙي ڳالهه کان؟ فرمايو:

اَنْ یَّضْرِبَ مَثَلًا مَّا بَعُوْضَةً فَمَا فَوْقَهَاؕ-

ترجمو ڪنزُ العرفان: جو مثال سمجهائڻ جي لاءِ ڪهڙي به شيءِ جو ذڪر فرمائي، مڇر هجي يا ان کان وڌيڪ


 

 



[1]...تفسیر نعیمی، پارہ:1، البقرۃ، زیر آیت:26، جلد:1، صفحہ:236-239 خلاصۃً۔