Book Name:Quran ke Sath Hamara Taluq
روز جي معمولات ۾ شامل ڪيون، جيئن کائڻ کان سواءِ اسان جو ڏينهن نٿو گذري، اهڙي طرح تلاوتِ قرآن به روح جي غذا آهي، ان کان سواءِ به اسان جو ڏينهن نه گذرڻ گهرجي.
یہی ہے آرزو تعلیمِ قرآن عام ہو جائے تلاوت کرنا صبح و شام میرا کام ہو جائے
قرآن ڪريم کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريو!
قرآن ڪريم سان تعلق جو ٻيو اهم بنياد اهو آهي ته اسان ان کي سمجهڻ جي به ڪوشش ڪريون. جيتوڻيڪ قرآن ڪريم جي سمجهڻ کان سواءِ تلاوت ڪرڻ به وڏي فضيلت جو ڪم آهي پر قرآن ڪريم کي سمجهڻ جي جيڪا فضيلت آهي، ان جو شان ئي الڳ آهي. حضرت وُهَيۡب بِن وَرۡد رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: اسان قرآن پاڪ جي تلاوت ڪرڻ، ان کي سمجهڻ، ان ۾ غور و فڪر ڪرڻ کان وڌيڪ دلين کي نرم ڪرڻ واري ڪا به شيءِ نه ڏٺي. ([1])
معلوم ٿيو ته قرآن ڪريم کي سمجهي پڙهڻ سان دليون نرم ٿينديون آهن، خوف خدا نصيب ٿيندو آهي، باطني بيماريون دور ٿينديون آهن، اعليٰ اخلاق ۽ اوصاف نصيب ٿيندا آهن.
قرآن کو سینوں میں ہم ایسے بسائیں گے چہروں پہ تلاوت کا اک نور سجائیں گے
تطہیر ہو ہر دِل کی قرآں کی تلاوت سے قرآن کو سیکھیں گے اور سب کو سکھائیں گے
قرآن ڪريم کي پنهنجي اصلاح جو ذريعو بڻايو!
قرآن ڪريم سان تعلق جو ٽيون اهم ترين بنياد اهو آهي ته اسان هن پاڪ ڪلام مان پنهنجي لاءِ سبق حاصل ڪريون. حجت الاسلام امام محمد بن محمد غزالي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه احياء العلوم جي پهرين جلد ۾ تلاوتِ قرآن جا 10 باطني آداب بيان فرمايا آهن. انهن مان ستون باطني ادب آهي: تخصيص. يعني ٻانهو قرآن ڪريم کي پنهنجي لاءِ خاص سمجهي، پنهنجي هدايت لاءِ تلاوت