Quran ke Sath Hamara Taluq

Book Name:Quran ke Sath Hamara Taluq

چڪا آهيون ته دل جي تسلي لاءِ ڪنهن ماهر قاري صاحب کي ٻڌايون ته جيئن جيڪي غلطيون وغيره هجن، سي ختم ٿي وڃن. جيڪڏهن اوهان قرآن ڪريم پڙهائڻ جي صلاحيت رکو ٿا ته مدرسته المدينه بالغان جي ذريعي ٻين کي پڙهائڻ جي سعادت حاصل ڪريو ڇو ته حديث پاڪ جي مطابق قرآن سکڻ ۽ سيکارڻ وارو بهترين ماڻهو آهي.

اهڙي طرح تلاوت قرآن جي به عادت بڻايون. وڏي افسوس جي ڳالهه آهي ته اڄ مسلمان وٽ پنهنجي رب جي ڪلام قرآن ڪريم کي پڙهڻ، ان جي تلاوت ڪرڻ جو وقت ناهي *  حالانڪه تلاوتِ قرآن افضل عبادت آهي. ([1])* قرآن پڙهڻ سان رحمت نازل ٿيندي آهي، فرشتا پَرن سان پاڇو ڪندا آهن. ([2]) * قيامت جي ڏينهن قرآن پنهنجي پڙهندڙن جي شفاعت ڪندو. ([3]) *جيڪو نماز ۾ بيهي قرآن جي تلاوت ڪري ان لاءِ هر حرف جي بدلي 100 نيڪيون آهن ۽ جيڪو نماز ۾ ويهي تلاوت ڪري ان لاءِ هر حرف جي بدلي 50 نيڪيون آهن ۽ جيڪو نماز کان علاوه وضو سان تلاوت ڪري ان لاءِ 25 نيڪيون آهن ۽ جيڪو وضو کان سواءِ تلاوت ڪري ان لاءِ 10 نيڪيون آهن. ([4]) قرآن جو قاري اسلام جي جهنڊي کي پڪڙڻ وارو آهي. ([5]) قرآن جو قاري الله پاڪ جو خاص ٻانهو آهي. ([6]) قرآن پڙهڻ وارو عذابِ الهي کان محفوظ رهندو آهي. ([7]) قرآن پڙهڻ وارو ان جي برڪت سان ترقي ڪندو آهي ۽ وڏا درجا حاصل ڪري وٺندو آهي. ([8])

اهڙا ثواب، اهڙا فائدا آهن قرآن مجيد جي تلاوت ڪرڻ جا، پر اسان تلاوت نٿا ڪريون. اسان کي گهرجي ته اسان قرآنِ ڪريم جي تلاوت کي پنهنجي


 

 



[1]...کنز العمال، کتاب: الاذکار، جزء:1، جلد:1، صفحہ:257، حدیث:2261۔

[2]...مسلم، کتاب الذکر والدعا، باب فضل الاجتماع علی ...الخ، صفحہ:1039، حدیث:2699ماخوذًا۔

[3]...مسلم، کتاب صلاۃ المسافرین، باب فضل قراءۃ القرآن ...الخ، صفحہ:290، حدیث:804۔

[4]...احیاء العلوم، کتاب آداب تلاوۃ، الباب الثانی، جلد:1صفحہ:362۔

[5]...مسند الفردوس، جلد:2، صفحہ:135، حدیث:2690۔

[6]...کنز العمال، کتاب  الاذکار، جزء:1، جلد:1، صفحہ:258، حدیث:2275۔

[7]...كنز العمال،کتاب الاذکار،  الجزءالاول، جلد:1، صفحہ:258، حدیث:2267۔

[8]...كنز العمال،کتاب الاذکار، الجزءالاول، جلد:1، صفحہ:259، حدیث:2289۔