Book Name:Quran ke Sath Hamara Taluq
ڪري، تلاوت ڪندي هي تصور ڪري ته الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ جيڪي احڪام بيان فرمايا آهن، اهي منهنجي لاءِ ئي آهن، جن ڪمن کان الله پاڪ منع فرمايو آهي، هي مون کي ئي منع ڪيو پيو وڃي، قرآن ڪريم ۾ جيڪو قيامت جو تذڪرو آهي، جهنم جو ذڪر آهي، عذابن جو تذڪرو آهي، جيڪي نصيحت ڀريا واقعا بيان ڪيا ويا آهن، هي سڀ منهنجي لاءِ ئي آهن، مون کي ئي انهن مان نصيحت وٺڻي آهي. ([1])
جيڪڏهن اسان هي تصور ڪري تلاوت ڪريون ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! قرآن ڪريم اسان جي دل ۾ لهندو، اثر به ڪندو، اکين ۾ ڳوڙها به ايندا ۽ الله پاڪ چاهيو ته زندگي به سڌري ويندي.
قرآن ڪريم تي پنهنجو يقين مضبوط ڪريو!
قرآن ڪريم سان تعلق جو چوٿون ۽ اهم ترين بنياد اهو آهي ته اسان ان تي پختو ترين يقين رکون، جيڪو ڪجهه قرآن ڪريم ارشاد فرمايو، بس هاڻي دنيا هيڏانهن کان هوڏانهن ته ٿي سگهي ٿي، زمين مٿي، آسمان هيٺ ته اچي سگهي ٿو پر قرآن ڪريم جو اهو ارشاد هرگز هرگز غلط نٿو ٿي سگهي. اها ڳالهه اسان جي رڳ رڳ ۾ سمايل هجڻ گهرجي. تقريباً هر مسلمان پنهنجي زبان سان اهو ئي چوندو آهي ته قرآن تي اهڙو ئي يقين گهرجي! پر افسوس! جڏهن گهر ۾ شادي هجي، گانا باجا وڄايا وڃن، سرِ عام بي پردگي ڪئي وڃي، اهڙي وقت جيڪڏهن ڪو قرآن ڪريم جي آيت ٻڌائي، نيڪي جي دعوت ڏي ته پوءِ رسم و رواج ياد ايندا آهن، جڏهن ناجائز طور رشوت ڏيڻي پئجي رهي هجي، ڪاروبار وڌائڻ جي چڪر ۾ وياج جي ڏيتي ليتي ٿي رهي هجي، تڏهن جيڪڏهن نيڪي جي دعوت پيش ڪئي وڃي ۽ قرآني تعليمات کان آگاهه ڪيو وڃي، ته اها ڳالهه دل تي ڏاڍي ڳري لڳندي آهي، جڏهن ڪو سائنسي نظريو، ڪنهن غير مسلم جي ٿيوري سامهون اچي وڃي، تڏهن ان يقين کي