Quran ke Sath Hamara Taluq

Book Name:Quran ke Sath Hamara Taluq

ڪشمڪش جو شڪار رهندا آهن، ڪي عينڪ لڳائي نماز پڙهي وٺندا آهن، ڪي ان کي درست خيال ناهن ڪندا. ان حوالي سان شرعي مسئلو اهو آهي ته عينڪ جو فريم چاهي پلاسٽڪ جو هجي يا ڪنهن به ڌاتو جو، ان کي پائي نماز پڙهڻ جائز آهي. ها! ان ۾ هڪ احتياط ڪرڻ ضروري آهي، اهو هي ته نڪ جي هڏي زمين تي ڄمڻ واجب آهي. لهٰذا چاهي عينڪ پاتل هجي يا نه پاتل هجي نڪ جي چوٽي نه بلڪ سخت هڏي پوري احتياط سان زمين تي اهڙي طرح لڳايو جو زمين جي سختي محسوس ٿئي. ([1]) جيڪڏهن هي هڏي زمين تي نه لڳي ته واجب ڇڏجي ويندو. ([2])  الله پاڪ اسان کي درست اسلامي احڪام سکڻ ۽ انهن تي عمل ڪرڻ جي توفيق نصيب فرمائي.

 اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صَلَّی اللہ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم .

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

اسماء الحسنيٰ جي برڪات (وظيفو)

يَا مُجِيبُ

مٿي جي سور کان آرام لاءِ الله پاڪ جو پيارو نالو يَا مُجِيبُ 3 دفعا پڙهي دم ڪري وٺو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! مٿي جو سور دور ٿيندو. ([3]) الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.

  اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صَلَّی اللہ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم .

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!     صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

 



[1]...دار الافتاء اہلسنت غیر مطبوعہ،Sar-7773، 28رجب المرجب1443ھ /02مارچ2022ء خلاصۃً۔

[2]...بہارِ شریعت ،جلد:1، صفحہ:514، حصہ:3خلاصۃً۔

[3]...مدنی پنج سورہ، صفحہ:252۔