Quran ke Sath Hamara Taluq

Book Name:Quran ke Sath Hamara Taluq

پيارا اسلامي ڀائرو! هي انهن جو انجام آهي جيڪي قرآنِ ڪريم کي پنهنجو پيشوا ناهن مڃيندا ۽ مَعَاذَ الله! ان جي آيتن جو مذاق اڏائيندا آهن. بطورِ مسلمان اسان جي ايمان جي تقاضا آهي ته اسان هر معاملي ۾ قرآنِ ڪريم کي پنهنجو پيشوا مڃون ۽ ان کان هدايت جو نور حاصل ڪريون. الله پاڪ اسان سڀني کي توفيق عطا فرمائي. اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صَلَّی اللہ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم .

قرآن ۾ غوطا هڻ، اي مسلمان!

پيارا اسلامي ڀائرو! هي فتنن جو دور آهي، شايد هي اهو ئي زمانو آهي جنهن جي باري ۾ اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّم فرمايو هو ته هن زماني ۾ ويٺل، بيٺل کان ۽ بيٺل هلندڙ کان بهتر هوندو. ([1]) شايد هن ئي دور جي باري ۾ فرمايو ويو هو ته ماڻهو صبح جو مومن ۽ شام جو ڪافر هوندو. ([2]) ان ڪري هن فتنن سان ڀريل دور ۾ سڀ کان وڌيڪ جنهن شيءِ جي ضرورت آهي، اها هيءَ ئي آهي ته اسان قرآن ڪريم سان پنهنجو تعلق درست ڪريون. قرآن ڪريم سان تعلق جا اهي بنيادَ جيڪي علماءِ ڪرام اسان کي ٻڌايا آهن، اسان مان هر هڪ غور ڪري ته ڇا منهنجو قرآن ڪريم سان تعلق انهن بنيادن تي آهي يا نه؟

قرآن ڪريم سان تعلق جا بنياد

سڀ کان پهرين ڳالهه اها آهي ته اسان قرآن ڪريم صحيح طريقي سان پڙهڻ سکون، افسوس سان چوڻو پئي ٿو ته اڄڪلهه ڪيترا ئي اهڙا مسلمان آهن جن کي صحيح عربي لهجي ۾، تجويد ۽ قِرءَت سان قرآن ڪريم پڙهڻ به نٿو اچي. ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو تلاوت ۾ اهڙيون اهڙيون غلطيون ڪري رهيا هوندا آهن جو اَلْاَمانُ وَالْحَفِيظُ! ان ڪري اسان سڀني کي گهرجي ته باقاعده طور تي تجويد ۽ قِرءَت سان قرآن ڪريم پڙهڻ سکون ۽ جيڪڏهن سکي


 

 



[1]...بخاری، کتاب الفتن، باب تکون الفتنہ  القاعد...الخ، صفحہ:1721، حدیث:7081۔

[2]...مسلم، کتاب الایمان، باب الحث علی المبادرۃ بالاعمال...الخ، صفحہ:62، حدیث:118۔