Book Name:Quran ke Sath Hamara Taluq
برقرار رکڻ تمام مشڪل ٿي ويندو آهي، شيطان وسوسا وجهندو ۽ ماڻهوءَ کي ايمان کان ڀٽڪائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندو آهي، اسان جا ڪيترا ئي اهڙا نوجوان آهن جن قرآن ڪريم باقاعده سکيو ئي ناهي هوندو، وڏيون وڏيون ڊگريون حاصل ڪيون هونديون آهن، سڄي زندگي غير مسلمن جا ڪتابَ پڙهيا هوندا آهن، انهن جي سامهون جڏهن قرآني آيتون تلاوت ڪيون وينديون آهن ته ڪي نادان شڪوڪ و شبهات جو به شڪار ٿي ويندا آهن. الله پاڪ اسان جو ايمان سلامت رکي، قرآن ڪريم تي هميشه مضبوط يقين رکو! اسان جا اسلاف، بزرگانِ دين ۽ الله پاڪ جا نيڪ ٻانها قرآنِ ڪريم تي ڪهڙو نه پختو يقين رکندا هئا! ڪڏهن سندن سيرت پڙهي ڏسجو! اهي بلند همت باهه ۾ ٽپي پوڻ ته قبول ڪري وٺندا هئا، پر قرآن تي سندن يقين ذرو به ڪمزور نه ٿيندو هو.
سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي مبارڪ دور جو هڪ بزرگ آهي: حضرت عبدالحميد بغدادي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه پاڻ هڪ دفعو ايران ويا، اتي باهه جا پوڄاري رهندا هئا. اتان جي مسلمانن جڏهن شيخ عبدالحميد بغدادي ر رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه کي ڏٺو ته باهه جي پوڄارين سان بحث ڪري اسلام جي سچائي واضح ڪرڻ لاءِ انهن جو نالو ورتو. شيخ عبدالحميد ر رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمايو: هن ڪم لاءِ بحث جي حاجت ئي ناهي، هي باهه جا پوڄاري جنهن شيءِ (يعني باھ جي) پوڄا ڪن ٿا، ان کان ئي حق پڇي وٺون ٿا (يعني انهن مان ڪو باھ ۾ بيهي، جيڪڏهن باھ ان کي ساڙي ته معلوم ٿي ويندو ته باھ جي پوڄا انهن کي ڪو فائدو نه ڏنو). اهي باھ جا پوڄاري ان تي راضي ٿي ويا، ان ڪري مقرر وقت تي باھ ٻاري وئي، شيخ عبدالحميد ر رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه به تشريف وٺي آيا، باھ جا پوڄاري به اچي ويا، جڏهن باھ ۾ وڃڻ جو وقت ٿيو ته اهو باھ جو پوڄاري ڊڄي بيهي رهيو پر شيخ عبدالحميد ر رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ٻرندڙ باھ ۾ داخل ٿيو ۽ پوري 20 منٽ باھ جي اندر بيٺو رهيو، پوءِ صحيح سلامت ٻاهر تشريف وٺي آيو. هي منظر