Book Name:Quran ke Sath Hamara Taluq
معلوم ٿيو: جيڪڏهن ڪا ڳالهه اسان جي سمجھ ۾ نه اچي، اسان ڪنهن ديني مسئلي جي حڪمت نه سمجهي سگهون ته ان کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪرڻ عزت جو سبب آهي پر پنهنجي ڪم عقليءَ سان ان تي اعتراض ڪري ڇڏڻ هلاڪت ۾ وجهندو آهي.
بخاري شريف جي حديث پاڪ آهي. هڪ شخص هو، اهو پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي خدمت ۾ حاضر ٿيو، ڪلمو پڙهيو، اسلام قبول ڪيو، هاڻي هي شخص نمازون به پڙهندو هو، ٻيا نيڪ ڪم به ڪندو هو، سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ان تي وڌيڪ ڪرم نوازي هي فرمائي ته کيس ڪاتبِ وحي بڻايو يعني قرآني آيتون جڏهن نازل ٿين ته انهن کي لکي محفوظ ڪرڻ جي ذميداري عطا فرمائي. هي ڪيترو وڏو منصب هو...!! ڪهڙي نصيب جي ڳالهه هئي پر هن شخص تي بدبختي غالب هئي، هن قرآني آيتن کي الله پاڪ جو ڪلام سمجهڻ بجاءِ، ان تي اعتراض اٿاريا، قرآنِ ڪريم کي، ان جي مبارڪ آيتن کي سمجهڻ بجاءِ، ان بابت شڪوڪ و شبهات جو شڪار ٿي ويو ۽ بدقسمتي سان اسلام کي ڇڏي وري ڪفر ڏانهن موٽي ويو.
الله! الله! هن بدبخت جو بڇڙو انجام ائين ٿيو جو جڏهن هو مئو، ان جي مذهب وارن پنهنجي روايت مطابق ان جون آخري رسمون پوريون ڪيون ۽ کَڏو کوٽي زمين ۾ دفن ڪري ڇڏيو. ماڻهو ان کي دفن ڪري هليا ويا، ٻئي ڏينهن صبح جو ڏٺو ته ان جو لاش کَڏي کان ٻاهر زمين تي پيل هو، انهن سوچيو شايد مسلمانن دشمني ڏيکاري آهي ۽ ان جي لاش کي کڏي مان ڪڍي ڦٽي ڪري ڇڏيو آهي. تنهنڪري انهن ٻيهر ان کي دفن ڪيو ۽ گهر هليا ويا، ٻئي ڏينهن صبح جو ڏٺو ته ان جو لاش وري کَڏي کان ٻاهر زمين تي پيل هو، ان جي مذهب وارن وري ان کي دفن ڪري ڇڏيو، ٽئين ڏينهن وري ڏٺو ته ان جو لاش زمين کان ٻاهر پيل هو، هاڻي اهي سمجهي ويا ته