Book Name:Quran ke Sath Hamara Taluq
هن حديثِ پاڪ مان اهو ئي وليد بن يزيد مراد ورتو آهي. ([1]) هڪ ڀيري وليد بن يزيد قرآنِ ڪريم مان فال ڪڍي. قرآنِ ڪريم مان فال ڪڍڻ ناجائز آهي. قرآنِ ڪريم فال ڪڍڻ لاءِ نه بلڪه هدايت لاءِ نازل ٿيو آهي پر وليد بدبخت ته هونئن ئي سرڪش هو، ان کي جائز و ناجائز جي ڪهڙي پرواهه هئي! هن فال ڪڍي ته جيڪا آيتِ ڪريمه ان جي سامهون آئي اها ڄڻ ان جي پنهنجي ئي زندگي جو پورو پورو نقشو هئي، تنهنڪري فال ۾ جيڪا آيت نڪتي اها سيپارو:13، سوره ابراهيم جي آيت:15 هئي، ارشاد ٿئي ٿو:
وَ خَابَ كُلُّ جَبَّارٍ عَنِیْدٍۙ(۱۵)
ترجمو ڪنزُ العرفان: ۽ هر سرڪش ضدي ناڪام ٿيو.
وليد جڏهن هي آيت پڙهي ته ان تي اقتدار جو ڀوت سوار ٿي ويو ۽ غرور و تڪبر ۾ اچي هن معاذ الله! قرآنِ ڪريم کي شهيد ڪري بي ادبي سان اڇلائي ڇڏيو ۽ چيو: ڇا تون سرڪش ۽ ضدي کي وعيد ٻڌائين ٿو؟ ها! مان آهيان سرڪش ۽ ضدي، جڏهن تون روزِ قيامت الله پاڪ جي سامهون وڃين ته ٻڌائي ڇڏجانءِ ته مون سان وليد اهڙو سلوڪ ڪيو آهي.تاريخ جي صفحن تي موجود آهي ته هن واقعي جي ڪجهه ئي ڏينهن کان پوءِ وليد بن يزيد جو سر ڪٽي ان جي ئي محل ۾ لٽڪايو ويو، ان جي ئي چاچي جي پٽ ان جي خلاف بغاوت ڪئي ۽ اعلان ڪيو ته جيڪو وليد جو سر ڪٽي آڻيندو ان کي هڪ لک درهم (يعني چانديءَ جا سڪا) انعام طور ڏنو ويندو، لهٰذا ان جو سر ڪٽي ان جي چاچي جي پٽ جي سامهون پيش ڪيو ويو، ان ڪجهه ڏينهن ته ان جي سر کي ان جي ئي محل ۾ لٽڪائي رکيو، پوءِ چوراهي تي لٽڪائي ڇڏيو. ([2])
ملے خاک میں اَہْلِ شاں کیسے کیسے مکیں ہو گئے لامکاں کیسے کیسے
ہوئے نامور بےنشاں کیسے کیسے زمیں کھا گئی نوجواں کیسے کیسے
جگہ جی لگانے کی دُنیا نہیں ہے یہ عبرت کی جا ہے، تماشا نہیں ہے