Book Name:Waseely Ki Barkatain
۾ تشريف کڻي ويا، احاديثِ ڪريمه ۾ پريشاني جي وقت پڙهڻ واريون جيڪي دعائون آيون آهن، اهي پڙهيائون، الله پاڪ جي بارگاهه ۾ التجاء ڪيائون، ان سان گڏوگڏ غوثِ پاڪ شيخ عبد القادر جيلاني رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه کان مدد طلب ڪيائون، انهن جو وسيلو پيش ڪيائون، فرمائن ٿا: بس 10 منٽن جي ڳالهه هئي، مان واپس ساٿين وٽ پهتس، اَلحمدُ لِلّٰہ! سڀئي اهڙا ته تندرست ٿي چڪا هئا، ڄڻ کين ڪجهه ٿيو ئي نه هو. نه صرف سندن بيماري دور ٿي وئي، پر بيماريءَ جي سبب جيڪا ڪمزوري ٿي هئي، اها به دور ٿي وئي. ([1])
سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! هي آهن وسيلي جون برڪتون...!! خواہه ڪهڙي به پريشاني هجي، مشڪل هجي، معاملا بگڙي وڃن، الله پاڪ جي حضور ۾ حاضر ٿي وڃو، دعا لاءِ هٿ کڻو ۽ الله پاڪ جي نبين ۽ ولين جو وسيلو پيش ڪريو، اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! بگڙيل معاملا درست ٿي ويندا.
خدا کے فضل سے ہم پر ہے سایہ غوثِ اعظم کا ہمیں دونوں جہاں میں ہے سہارا غوثِ اعظم کا
بلیات و غم و اَفکار کیوں کر گھیر سکتے ہیں سروں پر نام لیووں کے ہے پنجہ غوثِ اعظم کا
جہازِ تاجراں گرداب سے فوراً نکل آیا وظیفہ جب انہوں نے پڑھ لیا یا غوثِ اعظم کا([2])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ جي حضور ۾ وسيلو پيش ڪرڻ نبين جو طريقو آهي. الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ فرمائي ٿو:
یَبْتَغُوْنَ اِلٰى رَبِّهِمُ الْوَسِیْلَةَ اَیُّهُمْ اَقْرَبُ
(پارو: 15، سورة بني اسرائيل: 57)
ترجمو ڪنز العرفان: اهي پاڻ ئي پنهنجي رب جي طرف وسيلو ڳوليندا آهن ته انهن ۾ ڪير گهڻو مقرب آهي.