Book Name:Waseely Ki Barkatain
الله پاڪ جا نبي آهن، انهن جو مقام، مرتبو، شان ۽ عظمت حضرت مريم رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْہا کان گهڻو اعليٰ ۽ افضل آهي، ان جي باوجود به پاڻ زبان سان نه، پر عملي طور تي اُنَ جاءِ جو وسيلو الله پاڪ جي حضور ۾ پيش ڪيو ۽ انهيءَ ئي ڪمري ۾، جتي الله پاڪ جي رحمت سان اَڻَ مُندائتا ميوا آيا هئا، بيهي دعا گهريائون ته: اي الله پاڪ! مون کي پٽ عطا فرماءِ.
سُبْحٰنَ اللہ! تڏهن ئي سندن دعا قبول ٿي ۽ الله پاڪ کين حضرت يحيٰعَلَیْهِ السَّلَام جهڙو عظيم الشان پٽ عطا فرمايو. ([1])
دنيا جي سڀ کان پهرين ڪاميابي ڪيئن حاصل ڪئي وئي
اوھان کي هڪ ايمان افروز ڳالهه ٻڌايان ته انسان جڏهن هِن دنيا ۾ آيو، جڏهن هن زمين تي پنهنجا قدم رکيا ته کيس جيڪا سڀ کان پهرين ڪاميابي ملي هئي، اها به مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي وسيلي سان ئي ملي هئي. جي ها! حديث پاڪ ۾ آهي ۽ ا ها حديث پاڪ امام بيهقي ۽ ٻين ڪيترن ئي محدثين ذڪر ڪئي آهي، حديث پاڪ جو خلاصو هي آهي ته حضرت آدم عَلَیْهِ السَّلَام کان جنت ۾ جيڪا لغزش (ڀُل) ٿي وئي هئي، (اهو گناهه نه هو، غلطي نه هئي، بلڪه هڪ لغزش هئي، پر
جن کے رُتبے ہیں سِوا، ان کی سِوا مشکل ہے
يعني جيڪي وڏي رتبي وارا هوندا آهن، اهي پنهنجي معمولي لغزش کي به گهٽ نه سمجهندا آهن، خير! الله پاڪ حضرت آدم عَلَیْهِ السَّلَام کي زمين ۾ پنهنجو خليفو بڻايو هو، تنهنڪري کين زمين تي لاٿو ويو)، هاڻي حضرت آدم عَلَیْهِ السَّلَام کي پنهنجي ان لغزش جي ڪري الله پاڪ کان تمام گهڻو حياءُ ٿيندو هو (ڪجهه روايتن ۾ آهي ته پاڻ ان جي ڪري 300 سالن تائين روئندا رهيا. ([2]))، آخرڪار پاڻ الله پاڪ جي بارگاهه ۾ هينئن عرض ڪيائون: اي الله پاڪ! مون کي محمد صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي صدقي ۾ معاف فرماءِ.