Waseely Ki Barkatain

Book Name:Waseely Ki Barkatain

به مدني چينل تي رات جو 9 لڳي 15 منٽن تي اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! هفتيوار مدني مذاڪرو ٿيندو، جنهن ۾ شيخ طريقت، امير اهل سنت مولانا الياس عطار قادري دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه سوالن جا جواب به عنايت فرمائيندا. تمام ذميداران ۽ عاشقان رسول هن مدني مذاڪري ۾ پاڻ به شرڪت فرمايو ۽ ٻين کي به ان جي دعوت ڏيو شيخ طريقت، امير اهل سنت دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه يا خليفهءِ امير اهل سنت دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه هر هفتي هڪ ديني رسالو پڙهڻ يا ٻڌڻ جي ترغيب به ارشاد فرمائيندا آهن، ايندڙ هفتي جي مدني مذاڪري ۾ رسالي اولياء    جو   شان   بزبانِ   قرآن جو اعلان ڪيو ويندو. هي رسالو پاڻ به پڙهو ۽ ٻين کي به ترغيب ڏياريو ۽ جيڪي سوشل ميڊيا مثلاً واٽس ايپ وغيرهه استعمال ڪندا آهن، الله پاڪ جي رضا ۽ ثواب حاصل ڪرڻ جي لاءِ هي رسالو ٻين سان به شيئر (Share) ڪريو! مڪتبـ المدينه غوث الاعظم شيخ عبدالقادر جيلاني رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي مبارڪ سيرت بابت هڪ نهايت ئي ايمان افروز ڪتاب: غوث  پاڪ    جا    حالات. شايع ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪئي آهي. جنهن ۾ غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي مبارڪ زندگي، انهن جي عبادتن، علم، تقويٰ ۽ تبليغ دين جي سنهري پهلوئن جو بيان ڪيو ويو آهي. هي ڪتاب مڪتبة المدينه جي ڪنهن به شاخ تان 100 رپين ۾ خريد فرمايو، پاڻ به مطالعو ڪريو ۽ ٻين کي به ان جي پڙهڻ جي دعوت ڏيو! 

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                       صَلَّی اللہ عَلٰی  مُحَمَّد

ٽيلي ٿون جي ترغيب

  پيارا اسلامي ڀائرو! اوهان جي پنهنجي ديني تنظيم دعوتِ اسلامي، 80 کان وڌيڪ شعبن ۾ دين و فلاحي خدمت ڪرڻ ۾ مصروف آهي. اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! ڪنزُالمدارس بورڊ جي نالي سان دعوتِ اسلامي جو پنهنجو تعليمي بورڊ آهي تقريباً 20  هزار 235  کان وڌيڪ جامعات ۽ مدارسُ المدينه (بوائز اينڊ