Waseely Ki Barkatain

Book Name:Waseely Ki Barkatain

نيڪ ٻانهن جو ادب ڪرڻ سان * انهن سان محبت رکڻ سان * انهن جي بارگاهه ۾ حاضر ٿيڻ سان * انهن جي زيارت ڪرڻ سان * انهن جو ذڪر ڪرڻ سان الله پاڪ جون رحمتون ملنديون آهن، دل روشن ٿيندي آهي، اندر جي ڪاراڻ ختم ٿيندي آهي ۽ الله پاڪ جو قرب نصيب ٿيندو آهي، تنهنڪري، الله پاڪ جا نيڪ ٻانها، نبي، ولي سڀئي وسيلو آهن. 

غار مان نجات ڪيئن ملي ...؟

اوھان يقين ڪريو! وسيلو اهڙي ڪمال جي شيءِ آهي جو ڪڏهن ڪڏهن اهو ڪم جيڪو اسان کي بظاهر تمام گهڻو مشڪل بلڪه ناممڪن نظر اچي رهيو هوندو آهي، وسيلي جي برڪت سان اهڙي مشڪل (Hardship) به ٽري ويندي آهي. بخاري شريف ۾ حديث پاڪ آهي، منهنجي ۽ اوهان جي آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اڳين امتن جي 3 شخصن جو واقعو ٻڌايو، واقعو ٿورو وڏو آهي، مان هتي مختصر عرض ڪري رهيو آهيان. 3 شخص هئا، اهي ڪيڏانهن وڃي رهيا هئا، رستي ۾ تيز برسات (Rain) شروع ٿي وئي، اهي بارش کان بچڻ جي لاءِ ڪنهن جبل جي غار ۾ وڃي لڪيا، اهي غار جي اندر هئا، ٻاهر تيز طوفاني مينهن وَسِي رهيو هو، ان دوران اوچتو هڪ وڏو پٿر ٽٽي ڪِريو ۽ غار جي منهن تي اچي ويو نتيجي ۾ غار بند ٿي ويو، اندر تمام گهڻي اوندهه هئي ...!! ٻاهر نڪرڻ جو ڪو رستو ئي نه هو. وڏي مشڪل ٿي وئي، هاڻي هنن پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي چيو: اڄ تائين اوهان جيڪي به نيڪ عمل ڪيا آهن، اوهان جي نظر ۾ انهن مان جيڪو سڀ کان افضل عمل آهي، الله پاڪ جي بارگاهه ۾ ان جو وسيلو پيش ڪريو! لهٰذا:  * انهن مان هڪ والدين (Parents) جي خدمت واري نيڪي جو وسيلو پيش ڪري دعا گهري: اي الله پاڪ! منهنجي والدين جي خدمت واري نيڪي جي صدقي ۾ هن پٿر کي ايترو هٽاءِ جو اسان کي آسمان نظر اچڻ لڳي، جيئن ئي هن نيڪ عمل جو وسيلو پيش ڪري دعا گهري، تيئن ئي اهو پٿر ٿورو سُرڪِي ويو ۽ آسمان نظر اچڻ لڳو. * هاڻي ٻئي صاحب پنهنجي خوفِ خدا