Waseely Ki Barkatain

Book Name:Waseely Ki Barkatain

الله پاڪ فرمائي ٿو: 

وَ لْتَنْظُرْ نَفْسٌ مَّا قَدَّمَتْ لِغَدٍۚ-

(پارو: 28، سورة الحشر: 18)

ترجموڪنزالعرفان: ۽ هر جان ڏسي ته هن سڀاڻي جي لاءِ اڳتي ڇا موڪليو آهي.

* سرور عالم، نور مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  فرمايو: عقلمند اهو آهي جيڪو پنهنجو محاسبو ڪري ۽ مرڻ کان پوءِ جي لاءِ عمل ڪري.([1]) * پنهنجي اصلاح ڪرڻ ۽ پاڻ کي شيطان کان بچائڻ جو بهترين طريقو هي آهي ته اسان پنهنجين عادتن، پنهنجي ڪردار ۽ پنهنجن عملن جو جائزو وٺندا رهون. 

موجودھ   دور   ۾  امير اهل سنت مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه  پنهنجو جائزو وٺڻ جو آسان طريقو ڏنو آهي: رسالو نيڪ اعمال * وڏي عمر جي اسلامي ڀائرن جي لاءِ نيڪ اعمال رسالي ۾ 72 سوال جواب لکيل آهن * هر سوال جي هيٺان 30 خانا آهن * روزانو سوال پڙهي پنهنجو جائزو وٺڻو آهي ۽ خانا ڀرڻا آهن * درست اسلامي زندگي گذارڻ جو هي بهترين نسخو آهي * هن جي ذريعي نه ڄاڻ ڪيترن جي اصلاح ٿي چڪي آهي. 

اوھان به هي رسالو خريد ڪريو! روزانو پنهنجو جائزو وٺو! اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! تمام گهڻو فائدو ٿيندو * اخلاق سڌري ويندا * ڪردار سنورجي ويندو   * عادتون بهتر ٿينديون * نيڪين تي استقامت نصيب ٿيندي * گناهن کان نفرت ٿيندي * دل روشن ٿيندي * محبت الٰهي نصيب ٿيندي             * عشقِ رسول ۾ اضافو ٿيندو * روحانيت ملندي ۽ * فڪرِ آخرت نصيب ٿيندو. اچو ته ترغيب جي لاءِ هڪ مدني بهار بڌون ٿا:

روزانو  جائزو   وٺڻ  جو   انعام

هڪ اسلامي ڀاءُ جو چوڻ آهي ته اَلحمدُ لِلّٰہ! مون کي نيڪ اعمال سان پيار آهي ۽ ان جي ذريعي روزانو پنهنجو جائزو وٺڻ منهنجو معمول آهي. هڪ


 

 



[1]... ترمذی، صفحہ:583، حدیث:2459بتغیر قلیل۔