Book Name:Waseely Ki Barkatain
ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنت ۾ مون سان گڏ هوندو. ([1])
سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا! جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا
حُسنِ اخلاق سنتِ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مصطفيٰ آهي
2 فرامينِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم: (1): ايمان ۾ وڌيڪ ڪامل اهي آهن جن جا اخلاق سٺا آهن. ([2]) (2): حسنِ اخلاق کان بهتر مسلمان کي ٻي ڪا به شيءِ نه ڏني وئي آهي. ([3])
اي عاشقان رسول! حسنِ اخلاق سنتِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهي * حضورِ اقدس صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هر هڪ سان خوش اخلاقي ۽ ملنساري جو سلوڪ فرمائيندا هئا * نه ڪڏهن جهڻڪيندا هئا ۽ نه ئي ڪاوڙ جو اظهار ڪندا هئا * صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللہ عنہم کي ڏسي مسڪرائيندا هئا. انهن سان، انهن جي ٻارن سان خوش طبعي فرمائيندا هئا، ٻارن کي پنهنجي هنج مبارڪ ۾ ويهاريندا هئا * مريضن جي عيادت فرمائيندا هئا * مجلس ۾ ڪڏهن به پير ڊگهيري نه ويهندا هئا * سلام ۾ اڳرائي فرمائيندا هئا * سڀني کي سٺن نالن سان پڪاريندا هئا * ٻئي جي ڳالهه نه ڪٽيندا هئا.
الله پاڪ اسان کي به اخلاقِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اختيار ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم .
بنا دو صبر و رضا کا پیکر بنوں خوش اخلاق ایسا سرور
رہے سدا نرم ہی طبیعت نبیِّ رحمت شفیعِ اُمّت
مختلف سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبـﺔ المدينه جو شايع ٿيل بهار شريعت جلد: 3 مان حصو 16 ۽ شيخ طريقت، امير اهل سنت مولانا الياس قادري دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَہ