Book Name:Waseely Ki Barkatain
یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوا اتَّقُوا اللّٰهَ وَ ابْتَغُوْۤا اِلَیْهِ الْوَسِیْلَةَ وَ جَاهِدُوْا فِیْ سَبِیْلِهٖ لَعَلَّكُمْ تُفْلِحُوْنَ
(۳۵) (پارو: 6، سورة المائدة: 35)
ترجمو ڪنزالعرفان: اي ايمان وارؤ! الله کان ڊڄو ۽ ان جي طرف وسيلو ڳوليو ۽ ان جي واٽَ ۾ جهاد ڪريو ان اميد تي جو توهان ڪاميابي ماڻيو.
پيارا اسلامي ڀائرو! هن آيت ڪريمه ۾ 3 ڳالهين جو حڪم ڏنو ويو آهي:
(1): فرمايو ويو: يعني تقويٰ اختيار ڪريو...!! چاهي اسان ڪهڙو به ڪم ڪرڻ وڃي رهيا هجون، ان ۾ اسان کي ڪاميابي گهرجي ۽ مستقل ڪاميابي گهرجي، اهڙي ڪاميابي جيڪا صرف دنيا تائين ئي محدود نه هجي پر آخرت ۾ به ڪم اچي، اهڙي ڪاميابي جي لاءِ ان ڪم ۾ تقويٰ اختيار ڪئي وڃي. مثال طور: اوهان ڪو ڪاروبار (Business) ڪرڻ وڃي رهيا آهيو ته * ان ۾ وياج جي ڏيتي ليتي کان بچو * ماڻهن کي دوکو ڏيڻ کان بچو * ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ ڪوڙي قسم کڻڻ کان بچو * تور ۽ ماپ ۾ گهٽتائي کان بچو. ائين ئي تعليم (Education) جو معاملو آهي، توهان تعليم حاصل ڪري رهيا آهيو ۽ چاهيو ٿا ته تعليم ۾ ڪاميابي ملي، توهان جي تعليم توهان جي لاءِ دنيا ۽ آخرت جي ڪاميابي جو ذريعو بڻجي * ته ان ۾ گناهن کان بچو * امتحانن ۾ ڪاپي ڪرڻ کان بچو * اسلام مخالف (Anti-Islam) ڳالهيون پڙهڻ، ٻڌڻ يا ٻين تائين پهچائڻ کان بچو. A ايئن ئي شادي (Marriage) وغيره جو معاملو آهي، ان ۾ به گناهن کان بچو * دُهل شرناين کان بچو * راڳ رنگ جون محفلون نه سجايو. مطلب ته اسان ڪو به ڪم ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، جيڪڏهن اسان چاهيون ٿا ته اسان کي اُنَ ڪم ۾ مستقل ڪاميابي ملي، اهڙي ڪاميابي جو دنيا سان گڏ آخرت ۾ به ڪم اچي ته، ان جي لاءِ سڀ کان پهريون اصول هي آهي ته ان ڪم ۾ جيترا به گناهن وارا معاملا آهن انهن کان پاڻ کي بچايون.