Book Name:Waseely Ki Barkatain
(2): فرمايو ويو:
وَ ابْتَغُوْۤا اِلَیْهِ الْوَسِیْلَةَ
ترجمو: الله پاڪ جي بارگاهه ۾ وسيلو پيش ڪريو
(3): ٽئين نمبر تي فرمايو ويو:
وَ جَاهِدُوْا فِیْ سَبِیْلِهٖ
ترجمو: يعني ۽ ڪوشش ڪريو الله جي راهه ۾
يعني جيڪو ڪم ڪرڻ وڃي رهيا آهيو، ان ڪم سان لاڳاپيل تقويٰ اختيار ڪري ورتي، وسيلو پيش ڪري ورتو، هاڻي خوب جدوجهد ڪريو!
اهي 3 ڪم ڪندﺆ ته ڇا ملندو؟ فرمايو ويو:
لَعَلَّكُمْ تُفْلِحُوْنَ
ترجمو: ته جيئن توهان ڪامياب ٿيو.
* دنيا ۾ * آخرت ۾ * هن زندگي ۾ * موت کان بعد واري زندگي ۾ * زندگي جي هر هڪ ميدان ۾ * قبر ۾ * حشر ۾ * ميزان تي * پل صراط تي، هر جاءِ تي ڪاميابي حاصل ٿيندي.
پيارا اسلامي ڀائرو! هن آيت ڪريمه مان معلوم ٿيو ته ڪو به ڪم هجي، ڪا به جائز خواهش هجي، جائز تمنا هجي * اسان کي سفر ڪرڻو آهي، تمنا آهي ته صحيح سلامت گهر واپس موٽي اچون * رات جو سمهڻ لڳا آهيون، دل ۾ تمنا آهي ته صبح جو تندرست اٿڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون * ڪو ڪم رڪجي ويو آهي * ڪاروبار بند ٿي ويو آهي * معاشي تنگدستي ٿي وئي آهي * قرض چڙهي ويو آهي * امتحان ۾ ڪاميابي گهرجي * بيمار ٿي ويا آهيون، شفا گهرجي * ڪنهن ڳالهه جو خطرو آهي، امن گهرجي. غرض، ڪو به ڪم ڪرڻو آهي، ان ۾ ڪاميابي جي طلب آهي. جيڪڏهن اسان ڪامياب ٿيڻ چاهيون ٿا ته ان لاءِ ضروري آهي ته اسان وسيلو پيش ڪريون. اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! زندگي جي هر ميدان ۾ ڪاميابي قدم چمندي..