Book Name:Waseely Ki Barkatain
بس پياري محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو وسيلو پيش ڪرڻ جي دير هئي، الله پاڪ سندن لغزش کي معاف به فرمايو ۽ ان سان گڏوگڏ هي به فرمايو: اي آدم! لَوْ لَا مُحَمَّد لَمَا خَلَقْتُکَ يعني جيڪڏهن (منهنجو محبوب) محمد صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم نه هجي ها ته مان توکي به پيدا نه ڪريان ها. ([1])
نوح و خلیل و موسیٰ و عیسیٰ سب کا ہے آقا نامِ مُحَمَّد
دونوں جہاں میں دنیا ودیں میں ہے اک وسیلہ نامِ مُحَمَّد
شیدا نہ کیوں ہو اس پر مسلماں رب کو ہے پیارا نام مُحَمَّد ([2])
سُبْحٰنَ اللہ! ان مان هڪ ته اهو معلوم ٿيو ته انسان کي دنيا ۾ سڀ کان پهرين ڪاميابي وسيلي جي برڪت سان ئي ملي آهي، ٻيو هي به معلوم ٿيو ته الله پاڪ جي مقبول ٻانهن جي وسيلي سان، فلاڻي جي واسطي سان، چئي دعا ڪرڻ ابو البشر حضرت آدم عَلَیْهِ السَّلَام جي سنت آهي. ([3])
واسطہ دیا جو آپ کا میرے سارے کام ہوگئے
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہ عَلٰی مُحَمَّد
پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم وسيلو پيش فرمايو
پيارا اسلامي ڀائرو! مخلوق ۾ سڀني کان افضل، سڀني کان اعليٰ، الله پاڪ جو سڀ کان وڌيڪ قرب رکڻ وارا اسان جا آقا و موليٰ، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهن. پاڻ اهڙي ته شان وارا آهن جو هيءَ زمين، آسمان، جِنَ، انسان، فرشتا، مطلب ته جيڪو ڪجهه آهي، سڀ ڪجهه انهن جي صدقي سان ٺهيو آهي، تمام اڳيان پويان الله پاڪ جي بارگاهه ۾ سندن ئي وسيلو پيش ڪندا آهن، ايترو اعليٰ شان هجڻ جي باوجود رسولِ اڪرم، نور مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم به الله پاڪ جي حضور ۾ وسيلو پيش فرمائيندا هئا.