Waseely Ki Barkatain

Book Name:Waseely Ki Barkatain

هڪ گهڙيءَ ۾ شفا ملي وئي

 اعليٰ حضرت امام احمد رضا خان رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو واقعو آهي، پاڻ جڏهن ٻيو ڀيرو حج تي وڃي رهيا هئا، سامونڊي سفر هو. رستي ۾ هڪ ڪامران نالي جڳھ آئي، اتي لڳ ڀڳ 10 ڏينهن جو قيام ٿيو. 

انهن ڏينهن ۾ تُرڪي جي عاشقانِ رسول جي حڪومت هئي، اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: ڪامران ۾ حاجين جي لاءِ تمام بهترين انتظامات ڪيا ويا هئا. ڊاڪٽر موجود هئا، هر قسم جون سهولتون فراهم ڪيون ويون هيون. 

سُبْحٰنَ اللہ! اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو نيڪيءَ جي دعوت ڏيڻ جو جذبو ڏسو! 10 ڏينهن اتي قيام رهيو، اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه روزانو حاجين کي گڏ ڪندا هئا ۽ کين حج جي تربيت ڏيندا هئا، گڏوگڏ عشقِ رسول تي مشتمل پرسوز بيان  به فرمائيندا هئا. 

الله پاڪ اسان کي به توفيق عطا فرمائي، گهر ۾ هجون يا سفر ۾، بس ۾ هجون يا جهاز ۾، ڪاش! هر هنڌ نيڪي جي دعوت جون ڌومُون مچائيندا رهون. 

خير! ڪامران ۾ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي قافلي جي قيام جو نائون ڏينهن هو، مشڪل اها پيش آئي جو اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ۽ سندن ساٿين جي طبيعت خراب ٿي پئي. کين وڏي پريشاني ٿي ته سڀاڻي سفر تي نڪرڻو آهي، حج جا ڏينهن به ويجهو اچي ويا آهن. جيڪڏهن ڊاڪٽرن کي خبر پئجي وئي  ته هِي بيمار آهي ته اهي سفر ڪرڻ کان روڪي ڇڏيندا ۽ حج جو وقت نڪري ويندو. جيڪڏهن ڊاڪٽرن کي نه ٻڌائيندس ته طبيعت ڪيئن سڌرندي، سڀئي پريشان هئا. اهڙي پريشاني جي عالَم ۾ ڀلا هڪ سچي عاشق رسول جي نگاهه ڪهڙي طرف اٿي سگهي ٿي...؟ 

اللہ اکبر! اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه پنهنجي ساٿين کي فرمايو : توهان سڀ هتي ئي ترسو مان اجهو اچان ٿو...!! اهو چئي پاڻ ٻاهر جهنگ جي طرف اڪيلائي