Waseely Ki Barkatain

Book Name:Waseely Ki Barkatain

۽ حيا واري نيڪي جو وسيلو پيش ڪري چيو: اي الله پاڪ! منهنجي هن نيڪ عمل جي برڪت سان هن پٿر کي اڃان وڌيڪ هٽاءِ. تنهنڪري پٿر اڃان وڌيڪ سرڪي ويو.* هاڻي ٽئين شخص پنهنجي امانتداري واري نيڪي جو وسيلو پيش ڪري دعا گهري: اي الله پاڪ! منهنجي هن امانتداري (Honesty)  جي وسيلي سان هن پٿر کي اڃان وڌيڪ هٽاءِ. جيئن ئي هن دعا گهري ته منهنجا محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمائن ٿا:  اهو پٿر جنهن غار جو منهن بند ڪري کين قيد ڪري ڇڏيو هو، سندن نيڪ عملن جي وسيلي جي برڪت سان هٽي ويو (۽ اهي سڀ پنهنجي پنهنجي رستي سان  هليا ويا). ([1]) 

سُبْحٰنَ اللہ! اها آهي وسيلي جي برڪت ...!! تنهنڪري جڏهن به ڪا مشڪل هجي، پريشاني هجي، مصيبت هجي، تنگدستي هجي، ڪو ڪم ڪرڻ چاهيو ٿا، ڪنهن ميدان ۾ ڪاميابي چاهيو ٿا ته نيڪ ڪم ڪريو ۽ الله پاڪ جي بارگاهه ۾ حاضر ٿي پنهنجن نيڪ عملن ۽ انبياءِ ڪرام، اولياءِ ڪرام بالخصوص نبي الانبياء، رسولِ خدا، احمد مجتبيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو وسيلو پيش ڪري دعا گهرو، اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! ڪاميابي نصيب ٿيندي. 

الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق نصيب فرمائي.

اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم .  

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: نيڪ اعمال

پيارا اسلامي ڀائرو!صحيح اسلامي عقيدا سکڻ، عمل جو جذبو ماڻڻ، نيڪيون ڪرڻ ۽ گناهن کان بچڻ جو ذهن حاصل ڪرڻ لاءِ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو، ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن ۾ ڀرپور حصو وٺو. اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! گھڻيون ئي برڪتون نصيب ٿينديون. ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم:  نيڪ اعمال“ رسالي جي ذريعي پنهنجو جائزو وٺڻ پڻ آهي.

 


 

 



[1]... بخاری، کتاب الادب، باب اجابۃ دعاء من ...الخ، صفحہ:1492-1493، حدیث:5974 خلاصۃً۔