Waseely Ki Barkatain

Book Name:Waseely Ki Barkatain

قبول فرمائيندو آهي * هن پاڪ نالي جو ورد ڪرڻ سان الله پاڪ بلائون ٽاري ڇڏيندو آهي * هن پاڪ نالي جي وسيلي سان دعائون گهرڻ سان الله پاڪ شفا عطا فرمائيندو آهي * هي پاڪ نالو چمي اکين تي لڳائڻ سان، رب ڪريم اکيون روشن فرمائيندو آهي * اَلحمدُ لِلّٰہ! هن پاڪ نالي جي برڪت سان دليون روشن ٿينديون آهن * هن پاڪ نالي جي برڪت سان زندگيون سنورجي وينديون آهن * بگڙيل ڪم بڻجي ويندا آهن * قبر روشن ٿيندي آهي * ۽ الله پاڪ هن پاڪ نالي جي برڪت سان جنت عطا فرمائيندو آهي. 

مداحِ حبيب مولانا جميل احمد رضوي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه به ڪيتري نه پياري ڳالهه ڪئي آهي، لکن ٿا: 

آنکھوں کا تارا نامِ  مُحَمَّد                                     دِل کا اُجالا نامِ  مُحَمَّد

دولت جو چاہو دونوں جہاں کی                           کر لو وظیفہ نامِ  مُحَمَّد

اللہ والا دَم میں بنا دے                                       اللہ  والا    نامِ     مُحَمَّد

پائیں مرادیں دونوں جہاں میں                          جس نے پُکارا نامِ  مُحَمَّد

دونوں جہاں میں دُنیا و دِیں میں                          ہے اک وسیلہ نامِ  مُحَمَّد

وَسِيلو ڪاميابي ڏياريندو آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان روايت ٻڌي، قبيلي وارن اڃان ايمان قبول نه ڪيو هو، ان کان پهريان ئي جڏهن هنن مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جو مبارڪ نالو پڪاريو ته الله پاڪ کين ان جي وسيلي سان فتح عطا فرمائي. معلوم ٿيو ته وسيلو ڪاميابي ڏياريندو آهي. جي ها! وسيلو يعني الله پاڪ جي حضور ۾ وسيلو پيش ڪرڻ، يعني هن طرح عرض ڪرڻ ته: اي الله پاڪ! * پنهنجي فلاڻي نيڪ ٻانهي جي برڪت سان * انبياءِ ڪرام عَلَیْهِم السَّلَام  جي برڪت سان * اولياءِ ڪرام جي برڪت سان مون کي ڪاميابي نصيب فرماءِ، اهو وسيلو پيش ڪرڻ جي برڪت سان الله پاڪ ڪاميابيون نصيب فرمائيندو آهي. قرآن ڪريم ۾ آهي: