Book Name:Waseely Ki Barkatain
حديث پاڪ ۾ آهي : اِنَّمَا الْاَعْمَالُ بِالنِّیَّات عملن جو دارومدار نيتن تي آهي.([1])
اي عاشقانِ رسول! سٺين سٺين نيتن سان عمل جو ثواب وڌي ويندو آهي، اچو ته بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا. نيت ڪيو ته ! * الله جي رضا جي لاءِ بيان ٻڌندس *با اَدَب ويهندس* خوب توجهه سان بيان ٻڌندس * جيڪو ٻڌندس ان کي ياد رکڻ، پاڻ عمل ڪرڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہ عَلٰی مُحَمَّد
نالي مبارڪ جي وسيلي سان فتح ملي وئي
هجرت کان پهريان واقعو آهي، هي اهو وقت هو جڏهن پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم عرب جي مختلف قبيلن کي اسلام جي دعوت ڏئي رهيا هئا.
معجم ڪبير جي روايت آهي: انهن ئي ڏينهن ۾ قبيلي بنو ذُهل جا ماڻهو مڪي آيا. رسولِ اڪرم، نور مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي يارِ غار، مسلمانن جي پهرين خليفي، عاشق اڪبر حضرت ابوبڪر صديق رَضِیَ اللهُ عَنْہُ کي فرمايو: ابوبڪر...!! انهن کي وڃي اسلام جي دعوت ڏي ...!! حضرت ابوبڪر صديق رَضِیَ اللهُ عَنْہُ تشريف کڻي ويا، سندن سردار سان مليا ۽ کيس اسلام جي دعوت ڏنائون.
ھاڻي اهو جيڪو سردار هو، سو چوڻ لڳو: اڄڪلهه اسان جي فلاڻي قبيلي سان جنگ هلي رهي آهي. هن کان فارغ ٿي وڃون ته پوءِ توهان جي دعوت بابت سوچينداسين. حضرت صديق اڪبر رَضِیَ اللهُ عَنْہُ کيس وڌيڪ سمجهايو ۽ قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر نيٺ آخر ۾ هن اهو ئي جواب ڏنو ته جنگ ختم ٿي وڃي، پوءِ جڏهن ٻيهر مڪي اينداسين تڏهن اسلام جي دعوت تي