Book Name:Waseely Ki Barkatain
سنجيدگي سان غور ڪنداسين. حضرت صديق اڪبر رَضِیَ اللهُ عَنْہُ واپس تشريف کڻي آيا ۽ قبيلي وارا پنهنجي رستي سان هليا ويا. آخر اهو ڏينهن به اچي ويو جڏهن بنو ذُهل يعني ان قبيلي وارن جي ٻئي قبيلي سان جنگ ٿيڻي هئي.
سپاهي ميدان ۾ نڪري آيا، جنگ بس شروع ٿيڻ ئي واري هئي ته قبيلي جي سردار پنهنجي قبيلي جي ماڻهن کان پڇيو: هُو ابوبڪر، جنهن هستي جي باري ۾ اسان کي دعوت ڏيڻ آيو هو، ان جو نالو ڇا آهي؟ کيس ٻڌايو ويو ته: ان جو پاڪ نالو محمد (صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) آهي. سردار چوڻ لڳو: بس! اڄ توهان جو وسيلو اهو ئي نالو آهي، جنگ جي دوران محمد نالو پڪاريندا رهو ...!!
اللہ اکبر...!! اڃان اسلام قبول نه ڪيو آهي، صرف اسلام قبول ڪرڻ جي دعوت ملي هئي، سردار کي اندازو ٿي چڪو هو ته اِهو جيڪو نالو آهي، تمام گهڻي برڪت وارو آهي، هن پاڪ نالي کي پڪاريوسين ته يقيناً فتح اسان جي ٿيندي، جيئن ته هن سڀني سپاهين کي وصيت ڪئي ته اڄ جنگ جي دوران مُحَمَّد نالو پڪاريندا رهو. سڀني ائين ئي ڪيو، اَلحمدُ لِلّٰہ! نامِ مُحَمَّد جي برڪت سان کين جنگ ۾ فتح نصيب ٿي.
جڏهن اهاَ خبر رسول اڪرم، نور مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي پهتي ته فرمايائون: بِیْ نُصِرُوْا يعني منهنجي نالي جي وسيلي جي برڪت انهن کي ملي جو سندن غيب مان مدد ٿي ۽ اهي جنگ ۾ ڪامياب ٿيا. ([1])
مُحَمَّد کا لطف و عطا اللہ! اللہ! مری رُوح و دِل پر ہُوا اللہ! اللہ!
مُحَمَّد مُحَمَّد وظیفہ ہے میرا مُحَمَّد کی ہر دَم نِدا اللہ! اللہ!
نامِ مُحَمَّد جو وسيلو ڪم اچي ويو
پيارا اسلامي ڀائرو! اَلحمدُ لِلّٰہ! الله پاڪ مُحَمَّد نالي ۾ تمام گهڻيون برڪتون رکيون آهن. * هن پاڪ نالي جو وسيلو پيش ڪرڻ سان، الله پاڪ دعائون