Waseely Ki Barkatain

Book Name:Waseely Ki Barkatain

آهي. اهڙيون دعائون جيڪي حديثن ۾ آيون آهن ۽ انهن ۾ یَا مُحَمَّد  جو لفظ به آيو آهي، علماءِ ڪرام فرمائن ٿا ته اهڙن موقعن تي ادب اهو آهي ته اسان یَا مُحَمَّد  جي بدران یَا رَسُوْلَ اللہ چئون. ([1]) ظاہر آهي اسان ننڍا آهيون، اسان ته پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي نالو کڻي پڪاري نه ٿا سگهون! اسان کي ته ادب ئي ڪرڻ گهرجي ۽ ادب ان ۾ ئي آهي ته پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي نالو کڻي پڪارڻ جي بدران مختلف پيارن پيارن لقبن سان پڪاريو وڃي. الله پاڪ اسان سڀني کي علم، عمل ۽ ادب جي توفيق نصيب فرمائي. اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم .

نيڪ اعمال به وسيلو آهن

پيارا اسلامي ڀائرو! هتي هڪ ڳالهه جي وڌيڪ وضاحت ڪريان. ته وسيلي جو مطلب آهي: کُلُّ مَا یُتَوَسَّلُ بِہٖ اِلَی اللہ يعني هر اها شيءِ يا ڪم جنهن جي ذريعي الله پاڪ جو قرب حاصل ڪيو وڃي. ([2]) 

يقيناً انبياء ڪرام عَلَیْهِم السَّلَام ، اولياء ڪرام ۽ الله پاڪ جا نيڪ ٻانها به الله پاڪ جو قرب حاصل ڪرڻ جو ذريعو آهن، انهن جي محبت، انهن سان الفت الله پاڪ جو قرب ڏياريندي آهي. البته! نيڪ اعمال جيڪي آهن، اهي به هڪ وسيلو آهن. جي ها! هر اها هستي، هر اهو ڪم، هر اهو عمل جيڪو الله پاڪ جو قرب حاصل ڪرڻ جو ذريعو آهي، ان کي وسيلو بڻائي سگهجي ٿو. مثال طور: * نماز پڙهڻ سان الله پاڪ جو قرب ملندو آهي، تنهنڪري اها به هڪ وسيلو آهي * روزو رکڻ سان الله پاڪ جو قرب حاصل ٿيندو آهي، اهو به هڪ وسيلو آهي * زڪوٰت ڏيڻ سان * صدقو ۽ خيرات ڪرڻ سان * حج ڪرڻ سان * عمرو ڪرڻ سان * تلاوت ڪرڻ سان * ذڪر ۽ درود جي ذريعي *مطلب ته هر نيڪ ڪم جي ذريعي الله پاڪ جو قرب حاصل ٿيندو آهي، تنهنڪري هر نيڪ ڪم هڪ وسيلو آهي، اهڙي طرح * الله پاڪ جي


 

 



[1]... فتاوی رضویہ، جلد:30، صفحہ:157 خلاصۃً۔

[2]... تفسیر سمعانی، پارہ:15، الاسراء، زیرِ آیت:57، جلد:3، صفحہ:351۔