Book Name:Waseely Ki Barkatain
يعني الله پاڪ جا فرشتا، اهڙي طرح حضرت عيسيٰ عَلَیْهِ السَّلَام ، حضرت عزير عَلَیْهِ السَّلَام جيڪي پاڻ اعليٰ رتبي وارا نبي آهن، اهي به الله پاڪ جي حضور ۾ وسيلو ڳوليندا آهن ته ڪير الله پاڪ جو وڌيڪ قرب رکڻ وارو آهي ته جيئن ان جو وسيلو الله پاڪ جي بارگاهه ۾ پيش ڪيو وڃي.[1]
حضرت زڪريا عَلَیْهِ السَّلَام وسيلو پيش ڪيو
قرآن ڪريم ۾ حضرت زڪريا عَلَیْهِ السَّلَام جو واقعو موجود آهي. ٽئين سيپاري، سورت آل عمران جي آيت نمبر 37 ۾ الله پاڪ هن واقعي کي تفصيل سان بيان ڪيو آهي. حضرت زڪريا عَلَیْهِ السَّلَام الله پاڪ جا نبي آهن، انهن کي اولاد ڪو نه هو، سندن زوجه محترمه به پوڙهيون ٿي چڪيون هيون، پاڻ پنهنجي گهر واريءَ جي ڀاڻيجي حضرت مريم رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْہا جي پرورش پنهنجي ذمي تي کنئي ۽ کين بيت المقدس ۾ هڪ ڪمري ۾ رهايو. ان وقت حضرت مريم رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْہا کير پيئڻ واري عمر ۾ هيون. هڪ ڏينهن جڏهن پاڻ حضرت مريم رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْہا جي ڪمري ۾ تشريف فرما ٿيا ته ڏٺائون ته اتي اَڻَ مُندائِتا ميوا رکيل آهن، اهڙا ميوا جيڪي انهن ڏينهن ۾ بازار ۾ ڪٿي به ميسر نه هئا. پاڻ فرمايائون:
قَالَ یٰمَرْیَمُ اَنّٰى لَكِ هٰذَاؕ-
ترجموڪنز العرفان: اي مريم! هي تو وٽ ڪٿان ايندا آهن؟
حضرت مريم رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْہا جيڪي ان وقت کير پيئڻ واري عمر ۾ هيون، چوڻ لڳيون:
هُوَ مِنْ عِنْدِ اللّٰهِؕ-
ترجموڪنز العرفان: هنن جواب ڏنو: اِهو الله جي طرف کان آهي.
حضرت زڪريا عَلَیْهِ السَّلَام جڏهن اها ڳالهه ٻڌي ته سمجهي ويا ته حضرت مريم الله پاڪ جي بارگاهه ۾ اعليٰ مقام رکن ٿيون.
جيتوڻيڪ حضرت مريم نبيه نه هيون، وليه هيون، حضرت زڪريا عَلَیْهِ السَّلَام