Waseely Ki Barkatain

Book Name:Waseely Ki Barkatain

حضرت عثمان بن حُنيف رَضِیَ اللهُ عَنْہُ فرمائن ٿا: اهو صحابي اتان اٿيو، وضو ڪري، 2 رڪعتون نماز ادا ڪيائين، ان کان پوءِ پياري آقا، محبوب خدا       صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سيکاريل دعا گهريائين، اسان اڃان اتي ئي ويٺا هئاسين ته هو واپس اچي ويو، پر واہه واهه! سُبْحٰنَ اللہ! جڏهن ويو هو ته نابينا (Blind) هو ۽ جڏهن واپس آيو ته کَاَنَّہٗ لَمْ یَکُنْ بِہٖ ضَرّ  ٌ  قَطُّ هاڻي ائين هو ڄڻ کيس ڪڏهن ڪا تڪليف ٿي ئي نه هئي. ([1]) 

سُبْحٰنَ اللہ! هيءَ آهي وسيلي جي برڪت...!! هيءَ مبارڪ نماز جيڪا رسول اڪرم، نور مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان صحابي رَضِیَ اللهُ عَنْہُ کي سيکاري، ان کي نمازِ حاجت چوندا آهن. هي تجربو ٿيل عمل آهي ته * ڪهڙي به مشڪل هجي * پريشاني هجي * مصيبت هجي * ڪا جائز خواهش * تمنا    * آرزو پوري نه ٿي رهي هجي * امتحان ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻي هجي * قرض لاهڻو هجي * شفا گهرجي * نمازن ۾ دل لڳائڻي هجي* گناهن کي ڇڏي نيڪ ٻانهو ٿيڻو هجي، مطلب ته ديني يا دنياوي ڪا به حاجت هجي، ته تازو وضو ڪري، 2 رڪعتون نماز ادا ڪريو، پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي وسيلي سان، سندن سيکاريل طريقي مطابق دعا گهرو، اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! هر حاجت پوري ٿي ويندي. 

پيٽَ  جو   ڳوڙهو  فوراً  ٺيڪ  ٿي  ويو

امام ابن ابي الدنيا رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه لکن ٿا: هڪ ڀيري هڪ شخص عبد الملڪ بن حيان وٽ آيو، عبد الملڪ سندس پيٽ چيڪ ڪيو، چيڪ ڪرڻ کان پوءِ چيائين: توکي اهڙي بيماري آهي، جنهن جو ڪو علاج (Treatment) نه آهي (يعني اڃان تائين ان بيماري جو علاج دريافت نه ٿي سگهيو آهي). ان شخص پريشان ٿي پڇيو: ڪهڙي بيماري آهي؟ چيائين: توکي دُبَیْلَہْ آهي (يعني تنهنجي


 

 



[1]... معجم کبیر، جلد:4، صفحہ:415، حدیث:8232۔