Waseely Ki Barkatain

Book Name:Waseely Ki Barkatain

روايت ٻڌو! مسلمانن جي چوٿين خليفي حضرت علي المرتضيٰ شير خدا   رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جي پياري امي جان حضرت فاطمه بنت اسد رَضِیَ اللہ عنہا جي وفات ٿي ته رسولِ اڪرم، نور مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تبرڪ طور پنهنجي قميص مبارڪ کين اوڍائي ڇڏي، پوءِ سندن قبر ۾ پاڻ ليٽيا ۽ الله پاڪ جي بارگاهه ۾ دعا ڪيائون  اللَّهُ الَّذِيْ يُحْيِيْ وَيُمِيْتُ وَهُوَ حَيٌّ لَّا يَمُوتُ الله پاڪ جيڪو زندهه آهي، جنهن کي ڪڏهن به موت نه ايندو، جيڪو حَيٌّ لَّا يَمُوتُ  آهي، اِغْفِرْ لِاُمِّی فَاطِمَۃَ  اي رب ڪريم منهنجي ماءُ حضرت فاطمه جي بخشش فرماءِ، وَلَقِّنْهَا حُجَّتَهَا اي الله پاڪ! کين نڪيرين جي سوالن جا جواب تلقين فرماءِ، وَوَسِّعْ عَلَيْهَا مُدْخَلَهَا ۽ انهن تي سندن قبر کي وسيع فرماءِ. بِحَقِّ نَبِيِّكَ وَالْاَنْبِيَاءِ الَّذِينَ مِنْ قَبْلِي فَاِنَّكَ أَرْحَمُ الرَّاحِمِينَ اي الله پاڪ! پنهنجي نبي (حضرت محمد صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) ۽ مون کان اڳ ۾ سڀني نبين جي وسيلي سان منهنجي دعا قبول فرماءِ، بيشڪ تون سڀني رحم ڪرڻ وارن کان وڌيڪ رحم ڪرڻ وارو آهين.[1] 

سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! ڏسو! هن ڪائنات ۾ محبوب ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کان وڌيڪ الله پاڪ جي معرفت ڪنهن کي به نصيب نه ٿي، پاڻ اهڙي شان وارا آهن جو صرف نگاهون آسمان ڏانهن کڻن ته الله پاڪ قبلو تبديل فرمائي ڇڏيندو آهي، دل پاڪ ۾ تمنا جاڳي ته الله پاڪ انهن جي تمنا کي جلد پورو فرمائيندو آهي، اهڙا شان وارا هجڻ جي باوجود به پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم الله پاڪ جي حضور ۾ وسيلو پيش فرمائي رهيا آهن. اِهو ان ڳالهه جو دليل آهي ته وسيلو الله پاڪ کي تمام گهڻو پسند آهي، ان جي برڪت سان الله پاڪ نظرِ رحمت فرمائيندو آهي.

  وسيلو   پيش ڪرڻ جي تعليم

پيارا اسلامي ڀائرو! صرف اهو نه ته رسول اڪرم، نور مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پاڻ الله پاڪ جي حضور ۾ وسيلو پيش فرمايو آهي، پر پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم 


 

 



[1]... معجم کبیر، جلد:10، صفحہ:337، حدیث:20324۔