Book Name:Ayyam e Hajj Aur Tabligh e Mustafa
یٰۤاَیُّہَا الرَّسُوۡلُ بَلِّغۡ مَاۤ اُنۡزِلَ اِلَیۡکَ مِنۡ رَّبِّکَ (پارہ:6، سورۂ مَائِدہ:67) ترجمو ڪنزالعرفان: اي رسول! جيڪوڪجهه اوهان ڏانهن اوهان جي رب جي طرف کان نازل ڪيو ويو ان جي تبليغ فرمايو
انهيءَ حڪمِ الهي کي ٻڌي مان اٿي بيٺس، مون ماڻهن کي سڏ ڪري چيو: اي انسانو...! مان اوهان ڏانهن الله پاڪ جو رسول ٿي آيو آهيان، "لا اله الا الله" چئو ۽ نجات حاصل ڪيو...! جيڪڏهن اوهين ائين ڪيو ته اوهان لاءِ جنت آهي.
بس هيءَ ڳالهه ٻڌڻ جي دير هئي، نه ڪو ٻار رهيو، نه ڪو جوان، نه عورتون، سڀ مون تي ٽٽي پيا. ڪنهن مون تي مٽي اڇلائي، ته ڪن مون تي پٿر اڇلائڻ شروع ڪيا. ان ئي دوران ڪنهن مون کي چيو: اي محمد صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! جيڪڏهن اوهين نبي آهيو ته انهن جي خلاف اهڙي ئي هلاڪت جي دعا ڪيو، جيئن حضرت نوح عَلَیْهِ السَّلَام ڪئي هئي.
الله! الله! ڏسو ته محبوبِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جي رحمت ۽ مهربانيءَ جو عالم ڏسو! ڪي پٿر وسائي رهيا هئا، ڪي مٽي اُڇلائي رهيا هئا، ماڻهو مَعَاذَ اللہ! بي ادبيءَ وارا جملا چئي رهيا هئا، ان حال ۾ به پاڻ ڪريم صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ دعا ڪئي، فرمايائون: اَللّٰهُمَّ اهْدِ قَوْمِي فَإِنَّهُمْ لَا يَعْلَمُونَ اي الله پاڪ! منهنجي قوم کي هدايت عطا فرما، بيشڪ اهي نٿا ڄاڻن.[1]
سلام اُس پر کہ اَسْرَارِ محبّت جس نے سمجھائے
سلام اُس پر کہ جس نے زَخم کھا کر پُھول برسائے
سلام اُس پر کہ جس نے خُوں کے پیاسوں کو قَبَائیں دِیں