Book Name:Ayyam e Hajj Aur Tabligh e Mustafa
آهي. [1]
پيارا اسلامي ڀائرو! هي محبوب ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ آهن، حضرت جبرائيل امين عَلَیْهِ السَّلَام پاڻ ڪريمن جي توجه مبارڪ هن طرف ڪرڻ چاهي پئي ته يا رسول الله صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ ! اوهان وڻن کي سڏ ڪيو ته اهي به اطاعت ڪن پيا، ان ۾ اشارو آهي ته اوهان جي نيڪيءَ جي دعوت ۾ ڪا گهٽتائي ناهي، قصور انهن غير مسلمن جي انڌين دلين جو آهي، جيڪي سمجهڻ ۽ مڃڻ کان قاصر آهن.
پيارا اسلامي ڀائرو! هي اسان جا آقا ۽ مولا، مڪي مدني مصطفى صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ آهن، ٭ هي اهي ئي بلند مرتبي واري هستي آهن، جن جي صدقي زمين ۽ آسمان پيدا ڪيا ويا، ٭ هي اهي ئي هستي آهن، جيڪي سڀني نبين جا سردار آهن، ٭ هي اهي ئي آهن جيڪي آسمان جي طرف اک کڻن ته الله پاڪ قبلو تبديل ڪري ڇڏي، ٭ آڱر سان اشارو ڪن ته چنڊ ٻه ٽڪرا ٿي وڃي، لهندڙ سج واپس موٽي اچي، ٭ هي اهي ئي آهن جن بابت مولانا حسن رضا خان صاحب رَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ چون ٿا:
جو بات لبِ حضرتِ عیسیٰ نے دِکھائی وہ کام یہاں جنبشِ داماں سے نکالا
وضاحت: يعني حضرت عيسى عَلَیْهِ السَّلَام جو اهو شان هو جو مٽيءَ جا پکي ٺاهيندا هئا، پوءِ انهن کي ڦوڪ ڏئي زنده ڪري ڇڏيندا هئا، جڏهن ته اسان جي آقا صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جو اهو شان آهي جو سندن کي ڦوڪ ڏيڻ جي به ضرورت نٿي پوي، رڳو اشارو فرمائن ٿا ۽ بي ساھن ۾ به ساھ پئجي ويندو آهي.
بندِ غم کاٹ دیا کرتے ہیں تیرے اَبْرُو پھیر دیتا ہے بلاؤں کو اشارہ تیرا