Book Name:Ayyam e Hajj Aur Tabligh e Mustafa
ڏئي، برائيءَ کان به منع نٿو ڪري.
مشهور مفسرِ قرآن، حڪيم الامت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ فرمائن ٿا ته: ”سڀئي مسلمان مبلغ آهن، سڀني تي فرض آهي ته ماڻهن کي سٺين ڳالهين جو حڪم ڪن ۽ بڇڙين ڳالهين کان روڪين.“ ([1]) اسان جي پيارا آقا، مديني واري مصطفى صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ فرمايو: بَلِّغُوْا عَنِّیْ وَلَوْ اٰیَۃً ([2]) يعني منهنجي طرفان پيغام پهچايو، ڀلي هڪ آيت ئي ڇو نه هجي.
پيارا اسلامي ڀائر! اسان ٿورو غور ڪريون. اسان دين جون جيتريون ڳالهيون ڄاڻون ٿا، ڇا اسان اهي ٻين تائين پهچايون ٿا؟ ٭ ڪير ناهي ڄاڻندو ته پنج نمازون فرض آهن؟ پر ڇا اسان ٻين کي نماز جي دعوت ڏيون ٿا؟ ٭ ڪير ناهي ڄاڻندو ته رمضان جا روزا فرض آهن؟ پر ڇا اسان روزا رکڻ جي ترغيب ڏيندا آهيون ؟ ٭ ڪير ناهي ڄاڻندو ته قرآن جي تلاوت نيڪيءَ جو ڪم آهي؟ ڇا اسان ٻين کي قرآن پڙهڻ لاءِ چئون ٿا؟ ٭ ڪير ناهي ڄاڻندو ته سودي قرض وٺڻ ڏيڻ، گانا ٻڌڻ، فلمون ڊراما ڏسڻ، بي پردگي وغيره سڀ گناهه آهن؟ پر ڇا اسان ماڻهن کي انهن کان روڪيون ٿا؟
افسوس! اسان جي اڪثريت اهڙي آهي جيڪا هي سڀ ڪجهه ڄاڻڻ باوجود به نيڪيءَ جي دعوت ڏيڻ واري هن عظيم ڪم کان محروم آهي. اسان جيترو دين ڄاڻون ٿا، اوترو ٻين تائين نٿا پهچايون ۽ نه ئي وڌيڪ ديني علم حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون ٿا.
حديث پاڪ ۾ آهي: ڪنهن حضور انور، مڪي مديني جي تاجور صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ