Book Name:Ayyam e Hajj Aur Tabligh e Mustafa
لَّمْ یُؤْمِنُوْا بِهٰذَا الْحَدِیْثِ اَسَفًا(۶) (پارہ:15، سورۂ کَہف:6)
اوھان انهن جي پٺيان غم جي ڪري پنهنجي جان کي ختم ڪري ڇڏيو.
اللهُ اڪبر! هي آهي مصطفى صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جو شوق، محبوبِ ذيشان صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جي امت تي رحمت آهي، جو الله پاڪ فرمايو: اي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! هي غير مسلم ڪلمو نٿا پڙهن، دوزخ جو رستو نٿا ڇڏين، جنت جي راهه تي نٿا اچن، قريب آهي ته توهان سندن غم ۾ پنهنجي جان ئي وڃائي ڇڏيندؤ.
الله! الله! ڏسو ته اسان جي پياري محبوب صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ کي نيڪي جي دعوت ڏيڻ ۽ ماڻهن کي جنت جي راهه تي هلائڻ جو ڪيترو جذبو هو.
باھ ۾ ڪري پوندڙ پروانن جو مثال
هڪ حديث پاڪ ۾ آهي ته پياري نبي، سچي نبي، مڪي مدني محمد عربي صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ فرمايو: منھنجو ۽ ماڻهن جو مثال اهڙو آهي جيئن ڪو ماڻهو باھ ٻاري، ان جي روشنيءَ سان آسپاس جا علائقا روشن ٿي ويا، هاڻ پروانا ۽ ننڍڙا جيت انهيءَ روشني ڏانهن ڊوڙندي باھ ۾ ڪِرڻ لڳا. اهو ماڻهو پروانن کي ان باھ ۾ ڪرڻ کان روڪيندو آهي، پر اهي ناهن رُڪندا ۽ باھ ۾ ڪِري پوندا آهن. مان اهو آهيان، جيڪو ماڻهن کي پڪڙي ڪري باھ مان ڪڍندو آهيان، پر ماڻهو آهن جو پاڻ ئي باھ ۾ ڪرندا پيا وڃن.[1]
پيارا اسلامي ڀائرو! هي دلِ مصطفى صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جي پياري پياري تمنا آهي، پاڻ صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ چاهين ٿا ته ماڻهو دوزخ جي راهه کان هٽي وڃن، جنت ڏانهن هلڻ لڳن. هي اهو ئي شوق ۽ سوز آهي، جنهن جي ڪري پاڻ سڳورن صَلَّى