Ayyam e Hajj Aur Tabligh e Mustafa

Book Name:Ayyam e Hajj Aur Tabligh e Mustafa

ڪاپي ڪري واٽس ايپ، فيس بڪ، ٽوئيٽر تي شيئر به ڪري سگهجي ٿو.

اها ايپ پاڻ به ڊائونلوڊ ڪريو ۽ ٻين کي به ان جي ترغيب ڏيو.

صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب!                                                صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

قربانيءَ جون کَلون دعوتِ اسلامي کي ڏيو!

پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! دعوتِ اسلامي سڄي دنيا ۾ اسلام جي خدمت ۾ سرگرم عمل آهي. هن نيڪ ڪم ۾ توهان به پنهنجو حصو شامل ڪيو. عيد الاضحى قريب آهي، عاشقانِ رسول قرباني جي سعادت حاصل ڪندا. عرض آهي ته پنهنجي جانورن جون کلون دعوتِ اسلامي کي ڏيو. توهان جي ڏنل رقم يا چمڙي ذريعي سڄي دنيا ۾ ديني، اصلاحي ۽ روحاني ڪم ڪيا ويندا، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! اهو صدقہ جاريہ توهان لاءِ وڏي برڪت جو سبب ٿيندو. گڏوگڏ پنهنجي محلي، گهر وارن ۽ رشتيدارن کي فون ڪري به ترغيب ڏياريو ۽ کلون گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!  ان ۾ به برڪتون ملنديون. حديث ۾ آهي: جنهن ڪنهن جي ڪنهن ڀلائي ڏانهن رهنمائي ڪئي، ان کي ان عمل ڪندڙ جي برابر اجر ملندو آهي. ([1])

صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب!                                                صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

ڪجھ ضروري اعلان ٻڌندا

اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! ذوالحج شريف جو مهينو جاري آهي. هن مهيني جي پهرين ڏهن ڏينهن ۾ شيخِ طريقت، امير اهل سنت مولانا محمد الياس عطّار قادري دامت برڪاتهم العاليه روزانو رات جو تقريباً  9:30 وڳي مدني


 

 



[1]... ترمذی، ابواب العلم، باب ماجاء الدال...الخ، صفحہ:628، حدیث:2671۔