Book Name:Ayyam e Hajj Aur Tabligh e Mustafa
هيءَ حقيقت آهي، جن جو رڳو هڪ اشارو آفتن ۽ بلائن کي ٽاري ڇڏيندو آهي، اُن محبوب آقا، مڪي مدني مصطفى صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ مڪي پاڪ ۾ ڏهه سال اهڙيءَ ريت گذاريا، جو ٭ مڪي جا غير مسلم تڪليفون ڏيندا هئا، ٭ جسم پاڪ مان رت وهي نڪرندو هو، ٭ ڪو معاذالله! گاريون ڏيندو هو، ٭ ڪو مبارڪ، پاڪيزه، چمڪندڙ لباس شريف تي مٽي وجهڻ جي جسارت ڪندو هو، ٭ ابولهب جهڙا بدبخت ته پٿر وسائڻ کان به نه رڪجندا هئا، ان جي باوجود پاڻ ڪريم صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ نه انهن جي خلاف بد دعا فرمائيندا هئا، نه ئي نيڪيءَ جي دعوت جو هي عظيم ڪم روڪيندا هئا، بلڪه صبر ۽ تحمل جو ڄڻ ته جبل بڻجي ڏهن سالن تائين لاڳيتو ڏک برداشت ڪندا رهيا.
الله جي راھ ۾ تڪليفون سَهڻ سنت آهي
پيارا اسلامي ڀائرو! ان ۾ اسان لاءِ سبق آهي ۽ اهو هي ته دين جي ڪم ۾ تڪليفون ضرور برداشت ڪرڻيون پونديون آهن. اسان وٽ ڪي ماڻهو دل برداشته ٿي ويهي رهندا آهن، مثلاً: عماموشريف ٻڌو، گهر وارن ڳالهيون ڪرڻ شروع ڪيون، ته هي دل شڪسته ٿي عماموشريف لائي ڇڏيندا، ٭ ڏاڙهي سجائي، ماڻهن ٽوڪون ڪرڻ شروع ڪيون! ته هي معاذ الله! گهٻرائجي ڏاڙهي ڪٽائي ڇڏيندا، ٭ نيڪيءَ جي دعوت ڏيڻ نڪتا، ماڻهن بي ادبي ڪئي، ٭ ڪنهن گار ڏني، ٭ ڌڪو ڏنو، ٭ ٽوڪون ڪيون! ته ڪجهه نادان مبلغ همت هاري ويهندا آهن. اهڙن مبلغن کي گهرجي ته محبوبِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جي انهن تڪليفن کي سامهون رکن. شيخِ طريقت، اميرِ اهلِ سنت دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه لکن ٿا: الله جي واٽ ۾ تڪليفون سهڻ به سنت، انهن تي صبر ڪرڻ به سنت ۽