Ayyam e Hajj Aur Tabligh e Mustafa

Book Name:Ayyam e Hajj Aur Tabligh e Mustafa

باوجود سخت ترين مشڪلاتن جي نيڪيءَ جي دعوت جاري رکڻ به سنت آهي.[1]

سُنّتیں عام کریں دین کا ہم کام کریں                       نیک  ہو  جائیں  مُسلمان    مدینے   والے

صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب!                                                صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

نيڪيءَ جي دعوت ڏيڻ سنتِ انبياء آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي به گهرجي ته نيڪيءَ جي دعوت عام ڪريون، ڇو ته هي نيڪ عمل سنتِ مصطفى صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ  به آهي، ۽ سنتِ انبيا عَلَیْهم السَّلَام  به آهي. حضرت آدم عَلَیْهِ السَّلَام  کان وٺي سڀني کان آخري نبي، محمد عربي صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ  تائين جيترا به نبي آيا، انهن جي اچڻ جو اصل مقصد ئي نيڪيءَ جي دعوت عام ڪرڻ هو. قرآنِ ڪريم ۾ آهي:

رُسُلًا مُّبَشِّرِیْنَ وَ مُنْذِرِیْنَ لِئَلَّا یَكُوْنَ لِلنَّاسِ عَلَى اللّٰهِ حُجَّةٌۢ بَعْدَ الرُّسُلِؕ             (پارہ:6، سورۂ نساء:165)     

ڪنزالعرفان ترجمو: اسان رسولن کي خوشخبري ۽ خوف ٻڌائيندڙ ڪري (موڪليو) ته جيئن رسولن  (کي موڪلڻ) کان پوءِ الله وٽ ماڻهن جي لاءِ ڪو به عذر (باقي) نه رهي.

معلوم ٿيو، الله پاڪ نبي ۽ رسول موڪليا ته جيئن هو ماڻهن کي جنت ۾ وٺي وڃڻ وارا عمل ٻڌائين ۽ دوزخ ۾ وجهڻ وارن عملن کان ڊيڄارين. الله پاڪ جي  ٻانهن تائين الله پاڪ جو پيغام پهچائن ته جيئن قيامت جي ڏينهن ڪو هي نه چئي سگهي ته اسان تائين ته پيغام پهتو ئي نه هو.

اوهان به نيڪيءَ جي دعوت ڏيو!


 

 



[1] معجم کبیر، جلد:4، صفحہ:391، حدیث:8100۔