Ayyam e Hajj Aur Tabligh e Mustafa

Book Name:Ayyam e Hajj Aur Tabligh e Mustafa

اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  طائف جي ميدان ۾ پٿر کاڌا، پاڪ جسم رت سان رنگين به ٿيو، لڳاتار ڏهه سال مڪي وارن کي نيڪيءَ جي دعوت  به ڏيندا رهيا، هر سال حج جي موسم ۾ نيڪيءَ جي دعوت ڏيندا، الڳ الڳ قبيلن وٽ وڃي اسلام پيش ڪندا، ابو لهب ۽ ابو جهل جهڙا بدبخت پٿر وسائيندا هئا، مبارڪ قدم رت سان ڀرجي ويندا هئا، ان جي باوجود به پاڻ سڳورن صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ  نيڪيءَ جي دعوت ڏيڻ جو ڪم نه روڪيو. سڀ تڪليفون سهندي به دين جو ڪم جاري رکيو. ڇو؟ انهيءَ ڪري ته پاڻ سڳورن صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ  تمنّا آهي ته ماڻهو جنتي ٿي وڃن.

پيارا آقا عزيز آهن

الله پاڪ قرآن پاڪ ۾ پنهنجي محبوب صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ  جو هڪ وصف بيان ڪندي فرمايو:

عَزِیْزٌ عَلَیْهِ مَا عَنِتُّمْ   (پارہ:11، سورۂ توبہ:128)      

ترجموڪنزالعرفان: جنهن تي توهان جو تڪليف ۾ پوڻ تمام ڏکيو گذرندو آهي،

هن آيت جي حوالي سان تفسير نعيمي ۾ لکيل آهي: يعني ان محبوب    صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ  تي اوهان جا اهي گناهه ڳرا لڳندا آهن، جيڪي اوهان کي عذاب يعني دوزخ ۾ پهچائيندا. توهان گناهه ڪندا آهيو ته هُو بيچين ٿي  ويندا آهن، جيئن بدن جي ڪنهن عضوي کي چوٽ لڳي ته ساهه بيچين ٿي ويندو آهي.[1]

سویا کئے نابکار بندے                                             رویا کئے زار زار آقا

۽ مولانا حسن رضا خان  رَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ   لکن ٿا:

بندے ہیں گنہگار بدنے                                      آقا ہے کرم شعار آقا

بندوں کا اَلم نے دِل دُکھایا                                  اور ہو گئے بےقرار آقا


 

 



[1] تفسیرِ نعیمی، پارہ:11، سورۂ توبہ، زیرِ آیت:128، جلد:11، صفحہ:153۔