Ayyam e Hajj Aur Tabligh e Mustafa

Book Name:Ayyam e Hajj Aur Tabligh e Mustafa

چينل تي لائيو مدني مذاڪرو فرمائيندا آهن. سڀ ذميدار ۽ عاشقانِ رسول پاڻ به انهن مذاڪرن ۾ حصو وٺو ۽ ٻين کي پڻ دعوت ڏيو.

شيخِ طريقت هر هفتي هڪ ديني رسالو پڙهڻ جي ترغيب ڏيندا آهن. ايندڙ هفتي جي مدني مذاڪري ۾ رسالو ”بغير حج جي حج جو ثواب“ جو اعلان ٿيندو. پاڻ به پڙهو ۽ ٻين کي به ترغيب ڏيو. سوشل ميڊيا جهڙوڪ واٽس ايپ تي به ٻين سان شيئر ڪريو. خليفہ امير اهل سنت حضرت مولانا محمد عبيد رضا عطاري دامت برڪاتهم العاليه جا محبت ڀريا بيان تحريري صورت ۾ ”بيانات خليفہ امير اهل سنت“ (جلد 1) مڪتبة المدينه  تي موجود آهن. توهان انهن کي 650 روپين ۾ مڪتبة المدينه  جي ڪنهن به شاخ تان وٺي سگهو ٿا. پاڻ به پڙهو ۽ ٻين کي ترغيب ڏياريو.

صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب!                                                صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو، اختتام تي سنت جي فضيلت ۽ زندگي جا ڪجهه آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪريان ٿو. پياري آقا صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ  فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِی فَقَدْ اَحَبَّنِی وَمَنْ اَحَبَّنِی كَانَ مَعِیَ فِی الْجَنَّةِ ”جنهن منهنجي سنت سان محبت ڪئي، ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي، اهو جنت ۾ مون سان گڏ هوندو.“ ([1])

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!                           جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

گَهٽ کائڻ سنت آهي

رسولِ ڪريم صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ  فرمايو: جڏهن ماڻهو پنهنجو کائڻ گهٽائي ٿو ته


 

 



[1]...مشکوٰۃ،کتابُ:الْاِیمان،بابُ:الْاِعْتِصَام، جلد:1، صفحہ:55، حدیث:175۔