Ayyam e Hajj Aur Tabligh e Mustafa

Book Name:Ayyam e Hajj Aur Tabligh e Mustafa

لله! مان دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ته هئس، پر ديني ڪمن ۾ سستي جو شڪار هُيس. حسن اتفاق سان محرم شريف 1431 هجري، جنوري 2010ع ۾ دعوتِ اسلامي جي هڪ ذميدار اسلامي ڀاء سان ملاقات ٿي. جڏهن انهن کي منهنجي سستيءَ جو علم ٿيو ته انهن مون کي سمجهايو ۽ انهن جي سمجهائڻ سان نه رڳو ديني ڪمن لاءِ جذبو پيدا ٿيو، بلڪه اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! ديني ڪمن مان هڪ ڪم، يعني فجر لاءِ اٿارڻ شروع ڪري ڏنو، جنهن جي برڪت سان، ساڳئي سال مون کي بارگاهه مصطفى صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ  جي حاضريءَ جي سعادت نصيب ٿي وئي.

اللہ کرم ایسا کرے تجھ پہ جہاں میں                       ا ے دعوتِ اسلامی! تیری دھوم مچی ہو

صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب!           صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

نعت مجموعو موبائل ايپلي ڪيشن

 اي رسول الله جا عاشقو! اڄ ٽيڪنالاجي جو دور آهي، اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! عاشقانِ رسول جي ديني تنظيم دعوتِ اسلامي اسمارٽ فون ذريعي به دين جي ڄاڻ عام ڪري رهي آهي. انهي سلسلي ۾ دعوتِ اسلامي جي آءِ ٽي ڊپارٽمنٽ طرفان هڪ موبائل ايپلي ڪيشن جاري ڪئي وئي آهي جنهن جو نالو آهي: نعت مجموعو. هن ايپ ۾ اعليٰ حضرت مولانا حامد رضا خان، مفتي اعظم هندوستان، مولانا حسن رضا خان، مولانا جميل رضوي، مفتِي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْهم ۽ امير اهل سنت مولانا محمد الياس قادري دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه  جا ڪلام شامل آهن.

هر مجموعي ۾ ڪلام کي الف بي ۽ رديف جي ترتيب سان ڏسي سگهجي ٿو، جڏهن ته سرچ بار مان پنهنجو پسنديده ڪلام آساني سان ڳولي سگهجي ٿو. مختلف ڪلامن جا آڊيو ۽ وڊيو ٻڌي سگهجن ٿا ۽ مفت ڊائونلوڊ به ڪري سگهجن ٿا. پسنديده ڪلام کي نشان لڳائي بار بار ٻڌي سگهجي ٿو. پنهنجا پسنديده ڪلام مائي ڪليڪشن فيوچر ۾ محفوظ ڪري سگهجن ٿا، جڏهن ته ڪلام يا شعر کي