Ayyam e Hajj Aur Tabligh e Mustafa

Book Name:Ayyam e Hajj Aur Tabligh e Mustafa

٭  حضرت شقيق بلخي  رَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ فرمايو: ”جيڪو گنهگار تي رحم نٿو ڪري، سو ان گنهگار کان به بري حالت ۾ آهي.“[1]

بهرحال، پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي همدردي اختيار ڪرڻي آهي، اسان کي پنهنجي اندر اها تڪليف پيدا ڪرڻي آهي ته ڪنهن به طريقي سان پاڻ کي به ۽ ٻين کي به دوزخ کان بچائي سگهون. الله پاڪ اسان کي اهڙو درد عطا فرمائي،  

اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ  

نيڪيءَ جي دعوت عام ڪرڻ جو طريقو

پيارا اسلامي ڀائرو! اڄ جي دور ۾ نيڪيءَ جي دعوت کي عام ڪرڻ، پاڻ به نيڪ بڻجڻ ۽ ٻين کي به نيڪ بڻائڻ جو آسان طريقو ”ٻارهن ديني ڪم“ آهن: * صبح جو جلدي اٿو، فجر جي نماز لاءِ وڃڻ وقت ٻين کي به اٿاريندا وڃو، ان شاءَ الله پاڪ! صبح ئي صبح نيڪين جو خزانو ملي ويندو. * مسجد پهچو، تفسيري حلقو لڳايو. * ظهر ۾ يا ڪنهن به نماز  کان پوءِ مسجد ۾ درس ڏيو. * گهر وارن کي گڏ ڪري، سندن سامهون به درس ڏيو. * هفتي ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀيرو علائقائي دورو ڪريو. * گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڏينهن راھِ خدا ۾ ڏيو. * قافلن ۾ سفر ڪيو، پاڻ به شامل ٿيو ۽ ٻين کي به همت ڏياريو ته اهي به شامل ٿين. جيڪڏهن اها سعادت ملي، ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! نيڪي ڪرڻ ۽ نيڪيءَ جي دعوت ڏيڻ جو سلسلو جاري رهندو. الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي. اچو ته ترغيب لاءِ هڪ مدني بهار ٻڌايان ٿو:

سرڪار صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ  جي بارگاهه مان سڏ اچي ويو

قصور (پنجاب، پاڪستان) جي اسلامي ڀاء جي بيان جو خلاصو هي آهي: الحمد


 

 



[1] تنبیہ المغترین،صفحہ:99 ملتقطاً۔