Book Name:Ayyam e Hajj Aur Tabligh e Mustafa
ماڻهو جي مدد ڪندو آهي، کيس نيڪ مقصدن ۾ ڪاميابي عطا ڪندو آهي، جڏهن تڪليف يا پريشاني ايندي آهي ته سندس مدد ڪئي ويندي آهي. مفسرينِ ڪرام لکيو آهي ته جيڪو دين جي خدمت ڪندو آهي، الله پاڪ دنيا ۾ کيس ايمان تي ثابت قدمي عطا ڪندو آهي ۽ آخرت ۾ کيس پل صراط تي مضبوط قدم رکڻ جي توفيق ڏيندو.[1]
کرم سے نیکی کی دعوت کا خوب جذبہ دے دُوں دُھوم سُنّتِ محبوب کی مچا یارَبّ!
میں پُل صراط بلاخوف پار کر لُوں گا ترے کرم کا سہارا جو مل گیا یارَبّ!
الله پاڪ جو پيارو بڻائيندڙ ماڻهو
ٻنهي جهانن جي رحمت، مڪي مدني محبوب صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ ارشاد فرمايو: ڇا مان اوهان کي اهڙن ماڻهن جي خبر نه ڏيان، جيڪي نه نبي آهن نه شهيد، پر قيامت جي ڏينهن نبي ۽ شهيد به انهن جي مرتبي کي ڏسي رشڪ ڪندا؟ اهي ماڻهو نور جي منبرن تي هوندا. اهي ڪير هوندا؟ اهي الله پاڪ جي ٻانهن کي الله جو محبوب بڻائڻ وارا هوندا، جيڪي ماڻهن کي نصيحتون ڪندا. عرض ڪيو ويو: يا رسول الله! اهي ڪهڙي طرح ماڻهن کي الله جو محبوب بڻائيندا آهن؟ حضور صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ فرمايو: اهي ماڻهن کي الله پاڪ جي پسنديده ڳالهين جو حڪم ڏيندا آهن ۽ الله پاڪ جي ناپسنديده ڳالهين کان روڪيندا آهن، پوءِ جڏهن ماڻهو انهن جي ڳالهه مڃيندا آهن ته الله پاڪ انهن مبلغن کي پنهنجو محبوب بڻائي ڇڏيندو. (شعب الإيمان، جلد 1، صفحو 367، حديث 409)
مبلغ صرف محبوب نه، پر محبوب بڻائيندڙ هوندو آهي
پيارا اسلامي ڀائرو! ڏٺو اوهان؟ نيڪيءَ جي دعوت جي ڌوم مچائڻ وارن جا ڪيڏا بلند ۽ عظيم مقام آهن. قيامت جي ڏينهن انهن تي الله پاڪ جو اهڙو انعام