Book Name:Ayyam e Hajj Aur Tabligh e Mustafa
آرام سے سوئیں ہم کمینے جاگا کریں باوقار آقا
ایسا تو کہیں سُنا نہ دیکھا بندوں کا اُٹھائیں بار آقا
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي پنهنجي باري ۾ غور ڪرڻو آهي، ڇا اسان جي دل ۾ اها تمنا آهي؟ ڇا اسان پاڻ کي ۽ ٻين کي دوزخ کان بچائڻ ۽ جنت ڏانهن وٺي وڃڻ جي تڙپ رکون ٿا؟ ڇا دل کي هيءَ ڳالهه غمگين ڪري ٿي ته ڪاش! منهنجو سڄو خاندان نيڪ ۽ نمازي بڻجي وڃي؟ ٭ وڏو ڀاءُ نماز نه پڙهي ته ڇا اسان ان لاءِ غمگين ٿيندا آهيون؟ ٭ گهر ۾ مائرون، ڀينرون، ڌيئرون فيشن ڪن، نماز نه پڙهن، نيڪيءَ جي راهه تي نه هلن، ته ڇا اسان جي دل کي ان تي تڪليف ٿئي ٿي؟ ٭ معاشرو خراب ٿيندو وڃي، مسجدون ويران ٿين، گناهن جا اڏا آباد ٿين، اسان جا نوجوان عيش و عشرت ۾ زندگي برباد ڪندا رهن، معاشري ۾ سود، حرام روزي، ظلم، غيبت، چغلي، وعدو خلافي، ماءُ پيءُ جي نافرماني وغيره گناهه عام ٿيندا پيا وڃن، ڇا اسان جي دل کي ان تي تڪليف ٿئي ٿي؟ ڇا اسان ان تي غمگين ٿيندا آهيون؟
ڪاش! دلِ مصطفى صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جي صدقي اسان کي به اهو غم نصيب ٿئي. ڪاش! اسان جي اندر اهو فڪر پيدا ٿئي ته پاڻ کي به ۽ ٻين کي به جنت جي واٽ ڏيکاريون. يقين ڪريو، هيءَ ئي تڪليف، هيءَ ئي تڙپ، هيءَ ئي غم آهي، جيڪو اسان جي معاشري کي سڌاري سگهي ٿو، اسان کي هڪ عمل ڪندڙ مبلغ بڻائي سگهي ٿو. ان ڪري اسان کي دل ۾ اهو درد ضرور پيدا ڪرڻ گهرجي.
پنهنجي دور جا وڏا عالم ۽ محدث، حضرت سفيان ثوري صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ هڪ ڀيري جَڙي ٻوٽيون فروخت ڪندڙن کي نيڪيءَ جي دعوت ڏيڻ لاءِ ويا. واپس اچي فرمايائون: ”توهان ڄاڻو ٿا، مان انهن کي سمجهائڻ ڇو ويو هئس؟ انهيءَ