Book Name:Ayyam e Hajj Aur Tabligh e Mustafa
سندس سينو نور سان ڀرجي وڃي ٿو. ([1])
اي عاشقانِ رسول! اسان جي پياري آقا صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ بک کان گهٽ کائيندا هئا. جيستائين دنيا ۾ هئا، ڪڏهن به مسلسل ٻه ڏينهن پيٽ ڀري نه کاڌو. ([2]) پاڻ بک جي ڪري پنهنجي پيٽ تي پٿر به ٻڌندا هئا. ([3])
اي عاشقانِ رسول! گهٽ کائڻ سنّت آهي اسان جا پيارا آقا، مديني وارا مصطفٰي صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جيستائين دنيا ۾ تشريف فرما رهيا، ڪڏهن به لاڳيتو 2 راتيون پيٽ ڀري نه کاڌائون پاڻ صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ بکَ جي سبب پيٽ تي پٿر ٻڌندا هئا.
کاڌي جي مقدار جي باري ۾ احڪام:
٭ بُکَ رکي ڪري کائڻ سنّت آهي. ٭ جيتري بُک آهي، اوترو کائي وٺڻ مباح آهي (يعني ان ۾ نه گناھ، نه ثواب). ٭ پيٽ ڀري ڪري اوترو کائڻ جو پيٽ خراب ٿيڻ جو گمان هجي، حرام آهي. ٭ پيٽ ڀري اوترو کائڻ جو پيٽ خراب ٿيڻ جو انديشو نه هجي مڪروھ آهي. ٭ غذا ۾ ايتري گهٽتائي ڪري ڇڏڻ جو فرائض جي ادائيگي ۾ خلل اچي، ناجائز آهي.[4]
مختلف سنتون ۽ آداب سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جو ڪتاب بهارِ شريعت جلد: 3، حصو: 16 ۽ امير اهلسنت مولانا الياس قادري دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه جو 91 صفحن جو رسالو 550 سنتون ۽ آداب خريد فرمايو ۽ پڙهو! سنتون سکڻ جو هڪ بهترين ذريعو دعوتِ اسلامي جي قافلن ۾ عاشقانِ رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر ڪرڻ به آهي.
غم کے بادَل چَھٹیں قافلے میں چلو خوب خوشیاں ملیں قافلے میں چلو