Book Name:Ayyam e Hajj Aur Tabligh e Mustafa
ڪاميابي حاصل ڪيو!" سندس پٺيان هڪ شخص لڳاتار پٿر هڻندو پئي ويو. مون پڇيو: "هي ڪير آهن؟” ٻڌايو ويو: “هي هاشمي آهن، نبوت جي دعوا ڪن ٿا ۽ سندن پٺيان جيڪو پٿر هڻي رهيو آهي، اُهو سندن چاچو ابولهب آهي.“[1]
اگر ایمان لے آؤ تو بچ جاؤ گے اے لوگو! فلاحِ دنیوی و اُخروی پاؤ گے اے لوگو!
اُمَیَّہ، بُو لَہَب، بُو جَہل، عُقْبَہ سخت دشمن تھے شَقَاوت پیشہ تھے، بِیْدَادگَر تھے اور پر فن تھے
جبريل عَلَیْهِ السَّلَام خدمت ڪئي
الله! الله! پيارا اسلامي ڀائرو! ٿورو تصور ته ڪيو! ڪيتريون درد ڀريون ڳالهيون آهن. اسان جا پيارا آقا، جان کان وڌيڪ پيارا صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ سندن نعلين شريف (يعني مبارڪ جوتن) سان لڳندڙ مقدس مٽيءَ تي اسان جهڙن ڪروڙين جي جان قربان، پاڻ صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ تي پٿر وسايا ويندا هئا، جسم مبارڪ مان رت وهندو هو، تڪليفون برداشت ڪندا هئا، ان جي باوجود به نيڪيءَ جي دعوت جو عظيم ڪم جاري رکندا هئا.
هڪ دفعي جو واقعو آهي، محبوب ذيشان صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ تشريف فرما هئا، سندن جسم پاڪ رتو رت هو. ايتري ۾ جبرائيل امين عَلَیْهِ السَّلَام حاضر ٿيا، عرض ڪيائون: يا رسول الله صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ ! ڇا ڳالھ آهي؟ فرمايائون: انهن مڪي وارن ظلم ڪيو آهي. پوءِ حضرت جبرائيل عَلَیْهِ السَّلَام دل مبارڪ کي تسلي ڏيڻ لاءِ عرض ڪيو: يارسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! سامهون وڻ ڏسي رهيا آهيو؟ ان کي پنهنجي طرف سڏيو! پياري محبوب صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ وڻ کي سڏ ڏنو ته وڻ فوراً خدمت ۾ حاضر ٿي ويو. پوءِ واپس وڃڻ جو حڪم ڏنائون ته وڻ واپس هليو ويو. ان تي پاڻ ڪريم صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ فرمايو: اي جبرائيل! (دل جي تسلي لاءِ) ايترو ڪافي