Ayyam e Hajj Aur Tabligh e Mustafa

Book Name:Ayyam e Hajj Aur Tabligh e Mustafa

حضرت محمد بن عمر اسلمي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا ته اعلانِ نبوت کان پوءِ پهريان ٽي سال پياري آقا، مڪي مدني مصطفى صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ لڪي ڪري اسلام جي دعوت ڏني. پوءِ پاڻ ظاهري طور تي دعوت ڏيڻ جي شروعات ڪئي. پاڻ صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ لاڳيتو ڏهَه سالن تائين ماڻهن کي نيڪي جي دعوت ڏيندا رهيا. سندن مبارڪ معمول هوندو هو ته هر سال حج جي موسم ۾ هر قبيلي وٽ پاڻ تشريف وٺي ويندا هئا، انهن کي اسلام جي دعوت ڏيندا هئا. ۽ فرمائيندا هئا: ”اوہان اسلام قبول ڪيو! مان اوهان کي جنت جي خوشخبري ڏيان ٿو.“

پر افسوس! ڪو به سندن جي دعوت تي لبيڪ نه چوندو هو. پاڻ  صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ خيمن جي اڳيان لنگهندا، بلند آواز سان چوندا ويندا ها: ‌يَا اَ يُّهَا ‌النَّاسُ!‌قُولُوا لَا اِلَهَ اِلَّا اللَّهُ،تُفْلِحُوا !”اي انسانو...!! لا اِلٰهَ اِلّا الله چئو...!! ڪاميابي حاصل ڪيو...!! جيڪڏهن اوهين هيءَ دعوت قبول ڪيو ته عرب جا مالڪ ٿي ويندؤ، عجم اوهان جي ماتحت ٿي ويندا ۽ اوهان کي جنت ۾ بلند مقام نصيب ٿيندا.“

بدبخت ابولهب سندن پٺيان پٺيان هلندو هو، پاڻ سڳورا اسلام جي دعوت ڏيندا هئا،  ابولهب بلند آواز سان چوندو ويندو هو: ”اي انسانو.!! هن جي ڳالهه نه ٻڌو، هي ڪوڙو آهي!"(معاذَ الله! استغفرُ الله! استغفرُ الله!)

پیمبر دعوتِ اسلام دینے کو نکلتا تھا                          نویدِ راحت و آرام دینے کو نکلتا تھا

نکلتے تھے قریش اِس راہ میں کانٹے بچھانے کو               وجودِ  پاک پر سو سو طرح کے ظُلم ڈھانے کو

مگر  وہ منبعِ حِلم و صَفا خاموش رہتا تھا                          دعائے خیر کرتا تھا جَفا و ظُلم سہتا تھا

حضرت طارِق بن عبد الله رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ  فرمائن ٿا: مان حج جي ڏينهن ۾ ذو المجاز نالي بازار ۾ هئس، ته اوچتو اُتان هڪ صاحب لنگهيا، جن جي مبارڪ ڀيڏين مان رت وهي رهيو هو، ۽ اُهي فرمائيندا پئي ويا: ”اي انسانو...!! ڪلمو پڙھو...!