Book Name:Ayyam e Hajj Aur Tabligh e Mustafa
ٿيندو جو نبي ۽ شهيد به انهن جو شان ڏسي رشڪ ڪندا، خوش ٿيندا، تعريف ڪندا. اهڙي عظيم مرتبي جو سبب ڇا آهي؟ اهو ئي ته اهي ماڻهو نيڪيءَ جو حڪم ڏئي، بُرائيءَ کان روڪي، ماڻهن کي عمل وارو بڻائيندا آهن ۽ الله پاڪ جو محبوب بڻائيندا آهن. جڏهن اهي ٻين کي الله جو محبوب بڻائيندا هوندا ته پاڻ ڇونه الله جا محبوب ٿيندا!
اللہ کا محبوب بنے جو تمہیں چاہے اُس کا تو بیاں ہی نہیں کچھ تُم جسے چاہو
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جي آقا و مولا، مڪي مدني مصطفى صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جو هڪ نرالو ۽ بي مثال شوق هو، سندن پاڪ دل سدائين هن ئي ارادي سان جُڙيل هوندي هئي ته انسان هدايت ماڻي، نيڪيءَ جي طرف وڌي. هي پيارو پيارو شوق اهڙي حد تائين غالب هو جو ڪڏهن به گهٽ نه ٿيندو هو. روايت ۾ آهي ته نبي ڪريم صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ غير مسلمن کي نيڪيءَ جي دعوت ڏيندا هئا، کين اسلام ڏانهن سڏيندا هئا، دوزخ جي واٽ ڇڏي جنت جي واٽ طرف سڏيندا هئا. جڏهن اهي غير مسلم ماڻهو ڳالهه نه ٻڌندا هئا، ايمان نه آڻيندا هئا، ته نبي پاڪ صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ ڏاڍا غمگين ٿي ويندا هئا.[1] قرآنِ پاڪ جون ڪيتريون ئي آيتون صرف ان لاءِ نازل ٿيون ته حضور صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ کي تسلي ملي ته ”اي پيارا محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! جيڪڏهن هي ماڻهو ڪلمو نه ٿا پڙهن، جنت جي راهه تي نه ٿا هلن ته توهان پريشان نه ٿيو، دل تڪليف ۾ نه وجھو، هڪ هنڌ فرمايو:
فَلَعَلَّكَ بَاخِعٌ نَّفْسَكَ عَلٰۤى اٰثَارِهِمْ اِنْ
ترجموڪنزالعرفان: جيڪڏهن اهي هن ڳالهه تي ايمان نه آڻن ته ٿي سگهي ٿو ته