Book Name:Ayyam e Hajj Aur Tabligh e Mustafa
الله! الله! پيارا اسلامي ڀائرو! ڏسو! اهي ڪهڙيون ڏکيائون هيون، شايد اسان مان ڪنهن کي انهن ڏکيائين جو ويهون حصو به برداشت ڪرڻو پئجي وڃي ها ته صبر ٽٽي پوي هان ۽ پاڻ سنڀالي نه سگھون ها، پر اهي اسان جا آقا و مولا، مڪي مدني مصطفى صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ هئا، سندن جا وڏي مقام وارا صحابه هئا، ايتريون تڪليفون برداشت ڪرڻ باوجود به پاڻ صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ نيڪيءَ جي دعوت جو عظيم ڪم جاري رکيو، ايستائين جو الله پاڪ اسلام کي غلبو عطا فرمائي ڇڏيو.
حق کی راہ میں پتھر کھائے خوں میں نہائے طائف میں
دین کا کتنی محنت سے کام آپ نے اے سلطان کیا
صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! بيشڪ جيڪو ٻانهو الله پاڪ جي دين جي خدمت ڪندو آهي، الله پاڪ سندس مدد ڪندو آهي. 26 هين سيپاري سورت محمد، آيت 7 ۾ الله پاڪ فرمائي ٿو:
یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوْۤا اِنْ تَنْصُرُوا اللّٰهَ یَنْصُرْكُمْ وَ یُثَبِّتْ اَقْدَامَكُمْ(۷) (پارہ:26، سورۂ مُحَمَّد:7)
ترجموڪنزالعرفان: اي ايمان وارؤ! جيڪڏهن توهان الله جي دين جي مدد ڪندؤ ته الله توهان جي مدد ڪندو ۽ توهان کي ثابت قدمي عطا فرمائيندو.
سُبْحٰنَ اللہ! معلوم ٿيو ته جيڪو ماڻهو الله پاڪ جي دين جي خدمت ڪندو آهي، ٭ علمِ دين سکندو آهي، ٭ ٻين کي سيکاريندو آهي، ٭ نيڪي جي دعوت عام ڪندو آهي، ٭ خدمتِ دين خاطر گهر ٻار ڇڏيندو آهي، ٭ پنهنجي اولاد جي جدائي برداشت ڪندو آهي، ٭ پري پري سفر ڪري دين ڦهلائيندو آهي، ٭ پاڻ به نيڪيون ڪندو آهي ۽ ٻين کي نيڪ نمازي بڻائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، الله پاڪ اهڙي