Ayyam e Hajj Aur Tabligh e Mustafa

Book Name:Ayyam e Hajj Aur Tabligh e Mustafa

وضاحت: يا رسولَ الله صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ ! مون توھان کانسواءِ ڪنهن مان اميد نه لڳائي آهي، ۽ نه ئي ڪو اهڙو آهي جنهن مان اميد لڳائي سگهجي ٿي، مونکي ته رڳو توھان جو ئي آسرو ۽ سهارو آهي، اوهان تي ڪروڙين درود هجن.

صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب!                                                صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

بيان ٻڌڻ جون نِيّتون

حديث پاڪ ۾ آهي: اِنَّمَا الْاَعْمَالُ بِالنِّیَّات عملن جو دارومدار نيتن تي آهي.([1])

اي عاشقانِ رسول! سٺين سٺين نيتن سان عمل جو ثواب وڌي ويندو آهي. اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا، مثال طور نيت ڪريو! ٭ رضاءِ الٰهي جي لاءِ مڪمل بيان ٻڌندس ٭ اَدَب سان ويهندس ٭ بيان دوران سُستي کان بچندس ٭ پنهنجي اِصلاح جي لاءِ بيان ٻُڌندس٭جيڪو ٻُڌندس، اهو ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.

صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب!                                                صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

ڪعبو ڏسڻ جي فضيلت

پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! حج جا مقدّس ۽ بابرڪت ڏينهن آهن، خوشنصيب آهن جيڪي حج جي سفر تي روانا ٿين ٿا، ڪعبي شريف جي زيارت ڪن ٿا، طواف جو مزو ماڻين ٿا، صفا ۽ مروه جي سعي ڪن ٿا، مزدلفه ۽ عرفات ۾ ترسي بخشش ۽ مغفرت جا حقدار بڻجن ٿا. عالم سڳورا فرمائن ٿا: ٭    هڪ شخص پنهنجي گهر ۾ آهي، نفل نمازون پڙهي رهيو آهي،  ٭ٻيو شخص حرم پاڪ ۾ آهي، ڪعبي شريف جي قريب ويٺو آهي ۽ ان کي ڏسي رهيو آهي. فرمايو ويو: هي جيڪو ڪعبي جي قرب ۾ حاضر آهي ۽ ان جي جلون ۾ گم آهي، اهو ان


 

 



[1]...بخاری، کِتَاب بَدءُ الْوَحی، صفحہ:65، حدیث:1۔