Book Name:Imam e Hussain Ki Seerat
امام عالي مقام جا عبرتناڪ اشعار
اِسۡحاق بن اِبراهيم چون ٿا: هڪ ڀيرو امام عالي مقام، امام حسين رَضِیَ اللهُ عَنْهُ قبرستان ويا ۽ عربي جا شعر پڙهيا(جنهن جو ترجمو هيئن آهي): مان قبر وارن کي پڪاريو پر اهي خاموش رهيا، پوءِ انهن جي قبر جي مٽيءَ مون کي جواب ڏنو، چيائين: ڇا توهان کي خبر آهي مان پنهنجي رهڻ وارن جو ڪهڙو حال ڪيو؟ مون انهن جو گوشت پٽي ڇڏيو، لباس چيري ڦاڙي ڇڏيو، انهن جي اکين کي پگهاري ڪري مٽي ۾ ملائي ڇڏيو، انهن جا جوڙ جداجدا ڪري ڇڏيا، انهن جون هڏيون ٽوڙي ڇڏيون ۽ انهن جي جسمن کي بلڪل ڳاري ڇڏيو ۽ انهن تي آفتون ڊگهيون ٿي ويون. [1]
مصيبت ته قبرن جي اندر آهي امام عالي مقام جو خطبو
نواسهءِ رسول حضرت امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْه جي متعلق روايت آهي ته پاڻ جڏهن قبرن کي ڏسندا هئا ته فرمائيندا هئا: مٿان کان هي قبرون ڪهڙيون نه وڻندڙ لڳن ٿيون پر مصيبت ته ان جي اندر آهي، الله! الله! اي الله جا ٻانهؤ...!! دنيا ۾ مشغول نه ٿي وڃو! بيشڪ قبر عمل جو گهر آهي(يعني اتي اعمال ئي گڏ ويندا) نيڪ اعمال ڪري وٺو! انهن سان غافل نه ٿيو..!![2]
قبر روزانہ یہ کرتی ہے پُکار مجھ میں ہیں کیڑے مکوڑے بیشمار
یاد رکھ! میں ہوں اندھیری کوٹھڑی تجھ کو ہو گی مجھ میں سُن! وحشت بڑی
میرے اندر تُو اکیلا آئے گا ہاں مگر اعمال لیتا آئے گا
گُھپ اندھیری قبر میں جب جائے گا بےعمل! بےانتہا گھبرائے گا
کر لے توبہ ربّ کی رحمت ہے بڑی قبر میں ورنہ سزا ہو گی کڑی([3])