Imam e Hussain Ki Seerat

Book Name:Imam e Hussain Ki Seerat

آهي، پنهنجون تمام تمنائون مٽائي ڇڏيون آهن ۽ پنهنجي زندگي ٻين جون تمنائون پوريون ڪرڻ جي لاءِ وقف ڪري ڇڏي آهي. سُبۡحٰنَ الله! ڇا ته شان آهي امام عالي مقام رَضِىَ اللهُ عَنْه  جو.....!!

غريبن مسڪينن سان محبت

هڪ ڀيري امام عالي مقام امام حسين رَضِىَ الله عَـنْهُ وٽ سندن گهر واري پيغام کڻي آئي ته” اسان گهر ۾ اوهان جي لاءِ لذيذ کاڌا ۽ خوشبو تيار ڪئي آهي، اوهان جنهن کي پنهنجي لائق سمجهو ساڻ وٺي گهر تشريف کڻي اچو.“ هي پيغام ٻڌي ڪري حضرتِ امام حسين رَضِىَ الله عَـنْهُ مسجد ۾ تشريف وٺي ويا ۽ اُتي جيڪي مسڪين موجود هئا انهن کي ساڻ وٺي گهر تشريف کڻي آيا، گهر واريءَ کي فرمايائون: مان توکي پنهنجي ان حق جو قسم ٿو ڏيان جيڪو منهنجو توتي آهي ته تون کاڌو ۽ خوشبو بچائي نه رکندينءَ. پوءِ ان ائين ئي ڪيو. پاڻ رَضِىَ الله عَـنْهُ مسڪينن کي کاڌو کارايو، انهن کي ڪپڙا پارايا ۽ خوشبو لڳائي.[1]

سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! ڪهڙي نرالي شان آهي....!!  حضرتِ امام حسين رَضِىَ الله عَـنْهُ غريبن سان ڪيتري قدر محبت فرمائيندا هئا! ڪاش! اسان به غريبن سان محبت ڪيون. انهن جي ڪم اچو، مسڪينن، يتيمن، بي سهارن جا ڏک ونڊيون.

غريبن جي دلجوئي جي اهميت

غريبن جي دلجوئي جي ڪيتري اهميت آهي، هن جو اندازو هن ڳالھ مان


 

 



[1] مکارم الاخلاق لطبرانی،صفحہ:104،رقم:172 ملتقطًا۔